
قمر النساءَ هڪڙو
قمر النساءَ هڪڙو (اداڪارہ): قمرالنساءَ هڪڙو 14 اپريل 1963ع تي مديجي ڀرسان ڳوٺ هڪڙا ۾ قادر بخش هڪڙي جي گهر ۾ پيدا ٿي، هن گريجوئيشن شاھہ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. شوبز ۾ اچڻ کان اڳ پنجن سالن تائين پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهائيندي رهي. هن 1987ع کان ريڊيو پاڪستان تي ڪمپيئرنگ وسيلي فني سفر جي شروعات ڪئي. ان کان پوءِ ريڊيو تان هن انائونسر ۽ پوءِ صداڪار طور پڻ ڪم ڪيائين. هن خبرون بہ پڙهيون. هن 1987ع ۾ ’آئينو‘ ڊرامي کان اداڪاري جي شروعات ڪئي. ان کان پوءِ پي. ٽي. وي جي ’روش‘، ’هٿين گل ميندي‘، ’سون ورنيون دليون‘، ’گهرڀاتي‘، ’نوري ڄام تماچي‘ ۽ ڪوئيٽا سينٽر تان ’تڪون‘ ۽ پي. ٽي. وي جي ڊرامي ’دادلو‘ ۽ ٻين ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين. ان کان پوءِ هن ’گهٽن‘ ۽ ڪي ٽي اين تان ’گونج‘ ۽ ’ڪائنات‘ ڊرامن ۾ بہ ڪم ڪيو. ڪينسر جي مرض سبب 5 نومبر 2011ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين.
1963.04.14 عيسوي
قمرالنساءَ هڪڙو 14 اپريل 1963ع تي مديجي ڀرسان ڳوٺ هڪڙا ۾ قادر بخش هڪڙي جي گهر ۾ پيدا ٿي.
2011.11.05 عيسوي
قمر النساءَ هڪڙو 5 نومبر 2011ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين.