ڊاڪٽر قمر جھان مرزا

ڊاڪٽر قمر جھان مرزا

قمر جھان مرزا ڊاڪٽر

قمر جھان مرزا، ڊاڪٽر (ليکڪا، محقق ۽ نقاد): پروفيسر ڊاڪٽر قمر جھان مرزا 14 آگسٽ 1952ع تي حيدرآباد شھر ۾ مرزا غلام حسين جي گهر ۾ جنم ورتو. 1978ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم.اي سنڌي ادب ۾ ڪيائين. 1983ع ۾ ’حيدرآباد جي ميرن جو سنڌي ادب ۾ حصو‘ جي موضوع تي پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿي. 1992ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر، 1997ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ 2005ع ۾ پروفيسر ٿي. هن شروع ۾ سنڌي توڙي اردوءَ ۾ ڪھاڻيون لکيون. هن جو هڪ ڪتاب ’سنڌ جي تاريخ-ميرن ٽالپرن جو دؤر‘ پاڪستان اسٽڊي سينٽر سنڌ يونيورسٽيءَ پاران 2015ع ۾ سندس ٽي سفرناما ’دهليءَ ۾ گذاريل ڏينھن‘، ’ايران‘ ۽ ’مڪي ۽ مديني ۾ عمري دوران احساس‘ اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن. علمي ۽ ادبي مڃتا طور کيس ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا. هُن 6 سيپٽمبر 2019ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.08.14  عيسوي

پروفيسر ڊاڪٽر قمر جھان مرزا 14 آگسٽ 1952ع تي حيدرآباد شھر ۾ مرزا غلام حسين جي گهر ۾ جنم ورتو.


2019.09.06  عيسوي

پروفيسر ڊاڪٽر قمر جھان مرزا 6 سيپٽمبر 2019ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خان صاحب ڊاڪٽر
چنا محمد عالم
شوپنهار آرٿر
دلمراد جمالي
بودلو بھار
ميرابوالقاسم سلطان ٺٽوي
الطاف سمو
آصفه ڀٽو زرداري
صديقي غلام عمر مخدوم
ريجهه علي شاھہ ثالث
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون