قمر راڄپر

قمر راڄپر: قمر راڄپر جو پورو نالو قمرالزمان ولد ڊاڪٽر زاهد حسين راڄپر آهي. سندس جنم 2 سيپٽمبر 1954ع تي پڊعيدن ڀرسان ڳوٺ حاجي تاج محمد راڄپر، ضلعي خيرپور ۾ ٿيو. ايم. اي جي ڊگري 1978ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان حاصل ڪيائين. نوابشاھہ ۾ پڙهڻ دوران شاگرد سياست ۾ داخل ٿيو. 1972ع جساف ضلعي نوابشاھہ جو صدر ۽ 1973ع ۾ جساف سنڌ يونيورسٽيءَ جو صدر ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ عبدالحفيظ پيرزادي کي اعزازي ڊگري ڏيڻ دوران ٿيل وڳوڙ سبب هن کي گرفتار ڪيو ويو. ان کان پوءِ 1976ع ۾ بہ کيس ڊي. پي. آر تحت گرفتار ڪري، چئن مھينن تائين قيد ڪيو ويو. ٽيون ڀيرو ضياءُ جي آمريت ۾ گرفتار ٿيو. ضياءُ جي دؤر ۾ جڏهن غوث بخش بزنجي پاڪستان نيشنل پارٽي ٺاهي تہ هي ان ۾ شامل ٿيو. جنھن جو سنڌ لاءِ حاڪم علي خان زرداري صدر ۽ هي جنرل سيڪريٽري رهيو. ان کان پوءِ عبدالحميد خان جتوئي جي صدر هجڻ وقت بہ هي ساڻس گڏ جنرل سيڪريٽري رهيو. 1988ع ۾ مسلم ليگ نواز ۾ شامل ٿيو ۽ سنڌ جو سينيئر نائب صدر رهيو. ان کان پوءِ ۽ ڏهن سالن تائين پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ رهيو. اردوءَ ۾ ’صداءِ عوام‘ نالي رسالو پڻ جاري ڪيائين.


لفظ قمر راڄپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.09.02  عيسوي

قمر راڄپر جو پورو نالو قمرالزمان ولد ڊاڪٽر زاهد حسين راڄپر آهي. سندس جنم 2 سيپٽمبر 1954ع تي پڊعيدن ڀرسان ڳوٺ حاجي تاج محمد راڄپر، ضلعي خيرپور ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀڳت ٽهليارام
رتناگر شيرين
شيخ عمر شھاب الدين سھروردي
تعمير حسين
ڀوڄ سنگهہ پهلاجاڻي
ڍير مٺو فقير لُنڊ
جتوئي ارشاد ساگر
آفتاب احمد شيخ
ٽالسٽاء
حاجي علي انور کوکر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون