قمر شهباز

قمر شهباز

قمر شھباز

قمر شھباز (شاعر، ڪھاڻيڪار، ڪالم نويس): قمر شھباز جو اصل نالو قمرالدين ولد محمد مقبول ٻگهيو آهي. هن 13 اپريل 1938ع تي نوابشاھہ ۾ جنم ورتو. پرائمري کان بي. اي تائين تعيلم نوابشاھہ ۾ حاصل ڪيائين. 1962ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. هن ليڪچرار طور نوڪريءَ جي شروعات ڪئي. ان کان پوءِ گورنمينٽ ڪاليج ڪنڌڪوٽ جو پرنسپال ٿيو. بعد ۾ ايئرفورس ۾ ويو ۽ تربيت حاصل ڪيائين، ان کان پوءِ وزارت صحت، ايڪسپورٽ، پروموشن بيورو ۽ ٽريڊنگ ڪارپوريشن ۾ نوڪريون ڪيائين. 1985ع ۾ گيھه ڪارپوريشن آف پاڪستان ۾ ڊائريڪٽر جنرل جي عھدي تي پھتو ۽ اتان ئي رٽائرمينٽ حاصل ڪيائين. سندس شادي 1969ع ۾ ارشاد سومرو سان ٿي. جنھن ارشاد قمر جي نالي سان ڪيتريون ئي ڪھاڻيون پڻ لکيون.
قمر شھباز چوٿين درجي کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي. هن هڪ ننڍڙو ماهوار رسالو ڪڍڻ شروع ڪيو، جيڪو ڪتابت ڪري هٿو هٿ وڪڻندو هو. سندس پھرين ڪھاڻي، دادوءَ مان نڪرندڙ ماهوار رسالي ’اسان جي منزل‘ ۾ شايع ٿي، ان وقت پاڻ پنجين درجي ۾ پڙهندو هو. ان کان پوءِ گل محمد چنا، نوابشاھہ مان ‘ادا’ نالي رسالو ڪڍيو، تہ قمر انھيءَ سٿ ۾ شامل ٿيو. قمر شھباز جا شروعاتي افسانا ’ادا‘، ’مھراڻ‘، ’نئين زندگي‘ ۽ ’فردوس‘ رسالن ۾ باقاعدي ڇپجندا هئا.
قمر شھباز شاعري ۽ ڪھاڻين کانسواءِ ٽيليويزن ۽ ريڊيو لاءِ پڻ ڊراما لکيا. ڊرامن لکڻ سان گڏ ڊرامن ۾ صداڪاري ۽ اداڪاري بہ ڪيائين. ريڊيو لاءِ سندس لکيل ڊرامن مان ’واچوڙن ۾ لاٽ‘، ’ڪاري‘، ’قرض مرض فرض‘، ’رشتا‘ ۽ ’تنھنجيون ڳالهيون‘ ۽ ٽيليويزن لاءِ لکيل ڊرامن مان ’راهون جدا جدا‘، ’واريءَ سندو ڪوٽ‘ ۽ ’شڪست‘ مقبول ٿيا. ان کانسواءِ هن اسٽيج ڊراما، مضمون ۽ ڪالم لکيا. هن ڪيتريون ئي دستاويزي فلمون پڻ ٺاهيون، هن جي مزاحيا ڪالمن پڻ گهڻي مقبوليت ماڻي، جن ۾ ’ڄڃ پرائي‘ ۽ ’احمق نچي‘ شامل آهن.
سندس چونڊ شاعريءَ جو مجموعو ’چنڊ رهين ٿو دور‘ 1988ع ۾ شايع ٿيو. قمر شھباز جي ڇپيل ڪتابن ۾: ’قمر شھباز جون چونڊ ڪھاڻيون‘ (1983ع)، ’اٺون گهر‘ (چونڊ ڪالم)، ’ضمير جو موت‘ (1992ع)، ريڊيو، ٽي. وي ڊرامن جو مجموعو ’واچوڙن ۾ لاٽ‘ (1987ع)، ۽ رام بخشاڻي جي آتم ڪھاڻي‘Taking The High Road’جو ترجمو ’آکيرا آڪاس ۾‘ (2005ع)، بھارن کي چئجو (شاعري: 2010ع) شامل آهن. سندس شاعريءَ جي ڪتاب ’بھارن کي چئجو‘ تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران سال 2010ع ۾ بھترين شاعر جو اوارڊ مليو. قمر شھباز 5 مئي 2009ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس وفات کان پوءِ کيس 2010ع ۾ پرائڊ آف پرفارمنس ڏنو ويو.


لفظ قمر شھبازھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.04.13  عيسوي

قمر شھباز جو اصل نالو قمرالدين ولد محمد مقبول ٻگهيو آهي. هن 13 اپريل 1938ع تي نوابشاهه ۾ جنم ورتو.


2009.05.05  عيسوي

قمر شھباز 5 مئي 2009ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راهوجو محبوب رڪ
راڄن شاھہ ماٽائي
عيد محمد اجميري
راما ٻائي
بکر فقير
ابن صفي
سهراب مگسي
فتح محمد شاھہ شيرازي
پير غلام جيلاني شاھہ نورائي
استاد حيدري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون