
ڊاڪٽر قمر واحد
قمر واحد، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر قمر واحد 4 مارچ 1938ع تي، حيدرآباد ۾ قاضي پير بخش جي گهر ۾ جنم ورتو. ايم. ايڊ ۽ پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان حاصل ڪيائين. 1970ع تائين حيدرآباد جي مختلف خانگي اسڪولن ۾ پڙهائيندي رهي. ساڳئي سال سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿي، جتي پروفيسر ۽ ڊين پڻ رهي. 1976ع ۾ اسڪالرشپ تي آمريڪا وئي، جتان پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري مڪمل ڪري ڏيھه موٽي. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ سندس ڪھاڻيون مختلف رسالن ۾ شايع ٿيون. سنڌ ۾ عورتن جي تعليمي ترقي ۽ سجاڳيءَ جي حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪيائين. هن مارئي هاسٽل جي پرووسٽ ۽ ماڊل اسڪول حيدرآباد جي پرنسپال طور پڻ ڪم ڪيو. 1998ع ۾ رٽائرمينٽ کان 6 مھينا پھرين سنڌ يونيورسٽيءَ جي نگران وائيس چانسلر پڻ رهي. 19 مارچ 2022ع تي ڄام شوري ۾ وفات ڪيائين.
1938.03.04 عيسوي
ڊاڪٽر قمر واحد 4 مارچ 1938ع تي، حيدرآباد ۾ قاضي پير بخش جي گهر ۾ جنم ورتو.
2022.03.19 عيسوي
ڊاڪٽر قمر واحد 19 مارچ 2022ع تي ڄام شوري ۾ وفات ڪيائين.