قمر ڪوهستاني

قمر ڪوهستاني

قمر ڪوهستاني

قمر ڪوهستاني: مزاحيہ شاعر قمر ڪوهستانيءَ جو اصل نالو قمر الدين ولد محمد خان خاصخيلي آهي. سندس جنم 1935ع ۾ ٿاڻي بولاخان شھر، ضلعي ڄامشوري ۾ ٿيو. هن مزاحيہ شاعر جي حيثيت ۾ ڪوهستان جي مسئلن جي نشاندهي ڪئي. بنيادي طور تي پرائمري استاد ۽ پوءِ سپروائيزر ٿيو. هن ڪجهہ عرصو ’بادل‘ رسالي ۾ مزاحيہ صفحي جي انچارج طور ڪم ڪيو. اسٽيج تي عوامي ميڙاڪن ۾ تنقيدي شعر پڙهندو هو. سندس مزاحيہ شاعريءَ جو ڪتاب ’محبتون ۽ مرڪون‘، 2017ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن 22 فيبروري 2012ع تي ٿاڻي بولا خان ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو