قنبراڻي/قمبراڻي: سنڌ ۾ قنبراڻي ذات وارا پاڻ کي حضرت علي ابن ابيطالب عليہ السلام جي غلام حضرت قنبر رضہ جو اولاد سڏرائين ٿا، حضرت علي عه جي انهيءَ غلام کي حجاج بن يوسف گرفتار ڪرائي شھيد ڪيو هو. قنبراڻي ذات بابت ايس. صادق علي ڄاڻائي ٿو: ’خاصخيلين جي هڪ پاڙي جو نالو ’قنبراڻي‘ آهي. واضح رهي تہ قنبراڻي ذات وارا شيدي هوندا آهن. خير محمد ٻرڙو لکي ٿو تہ: قنبراڻي ٻن طريقن قنبراڻي ۽ قمبراڻي سان لکيو وڃي ٿو: هن ذات وارا سڄي سنڌ ۾ موجود آهن. قنبراڻي بروهين جو بہ هڪ پاڙو آهي. روايتن مطابق هي قنبر اهو آهي جنھن بلوچستان جي هندو راجا کان حڪومت ڦري بروهي راڄ جو بنياد وڌو هو، جنھن کان پوءِ قنبراڻين جو ميرو پٽ قنبر، مير عمر ۽ محمود خان اڳواڻ ٿيا. ٻين بہ مختلف ذاتين ۾ قنبراڻي پاڙا آهن. جيئن جتن، لاشارين، مانڊڙن، لغارين، چانڊين ۽ سراوانين جي پاڙن ۾ پڻ ’قنبراڻي‘ شامل آهي. ان کانسواءِ مڪرانين ۾ بہ ’قنبراڻي‘ آهن.