قنڌاري سڙڪ: قنڌاري سڙڪ، انھيءَ شاهراھہ جو حصو آهي، جيڪا بولان لڪ کان اچي سنڌو درياھہ تائين پھچندي هئي. خاص ڪري ايران، افغانستان ۽ قديم بابل کان آيل قومون انھيءَ شاهراھہ ذريعي سنڌ ۾ پھتيون. اها سڙڪ شڪارپور تائين اچي، پوءِ وري ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندي هئي. هڪڙو رستو سکر تائين ۽ اڳتي درياھہ ٽپي اروڙ کان ٿيندو ملتان تائين ويندو هو ۽ ٻيو رستو وري جهڪر، موهن جو دڙو، سيوهڻ ۽ آمريءَ کان ٿيندو ڀنڀور يا ديبل تائين ويندو هو.
هن ئي علائقي مان ٻي اهم سڙڪ ’ڪابلي سڙڪ‘ بہ لنگهي ٿي، جيڪا پڻ قنڌاري سڙڪ جو ٻيو حصو هئي. اها سڙڪ نئون ديرو-ماهوٽا ۽ لاڙڪاڻي کان ٿيندي، اڳتي هلي وڃي ٿي.
قومي ترانو: هر ملڪ جو قومي ترانو، ان ملڪ جو تخليقي تعارف ٿيندو آهي. اصل ۾ قومي ترانو هڪ اهڙو نغمو آهي، جنھن ۾ ڪنھن بہ ملڪ ۾ رهندڙ قوم/قومن يا عوام جي بھادري، وڏائي، وطني سُونھن ۽ اجتماعي قدرن جو جوهر سمايل هوندو آهي. پاڪستان جو قومي ترانو، مشھور شاعر حفيظ جالنڌريءَ جو لکيل آهي، جيڪو 16 آگسٽ 1954ع تي سرڪاري طور قبول ڪيو ويو. هن تراني جي خوبصورت ڌن نامور سنڌي موسيقار احمد جي. ڇاڳلا 1949ع ۾ ترتيب ڏني. سرڪار ان ڌن تي ترانو لکرائڻ لاءِ 9 ميمبرن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي، جنھن جي اعلان جي موٽ ۾ ڪميٽيءَ وٽ 700 ترانا پھتا. ڪميٽيءَ جائزي وٺڻ بعد چونڊ ترانا بي بي سيءَ کي موڪلي ڏنا، جنھن حفيظ جالنڌريءَ جي گيت کي ڌن مطابق درست قرار ڏنو. سڄي تراني جو تاڃي پيٽو فارسي لفظن تي ٻڌل آهي ۽ ان ۾ اردوءَ جو فقط هڪڙو لفظ ’ڪا‘ استعمال ڪيو ويو آهي. پورو ترانو پڙهڻ ۾ هڪ منٽ ۽ 25 سيڪنڊ لڳن ٿا. هن جي ڌن ٺاهڻ لاءِ 21 ساز استعمال ڪيا ويا هئا. پھريون ڀيرو ريڊيو پاڪستان تان هيءُ قومي ترانو 13 آگسٽ 1954ع تي نشر ڪيو ويو هو. پاڪستان جي قومي تراني جا ٻول هن ريت آهن:
پاڪ سـرزميـن شـاد بـاد،
ڪِشورِ حسين شاد باد
تو نشانِ عزمِ عاليشان،
اَرضِ پـَاڪـسـتـــان
مرڪزِ يقيـن شـاد باد
پاڪ سرزمين ڪا نظام،
قُـوتِ اخــُوتِ عـوام
قـوم، مُـلـڪ، سـلطنت،
پـائنــده تـابنــده بــاد
شــاد بــاد مَنزلِِ مُراد
پرچمِ ستارهء و هلال،
رهبرِ ترقي و ڪمال
ترجمانِ ماضي شانِ حال،
جَــــانِ اســتـقـبــــال
سايهءِ خداءِ ذوالجلال.
جنھن هارمونيئم تي احمد جي. ڇاڳلا، پاڪستان جي قومي تراني جي ڌُن ترتيب ڏني هئي، اُهو هارمونيئم انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشوري جي ميوزيم ۾ رکيل آهي.