قوي خان

قوي خان

قوي خان

قوي خان: ريڊيي، ٽي وي ۽ فلمن جي اداڪار قوي خان 15 نومبر 1942ع تي پشاور ۾ جنم ورتو. هن فني زندگيءَ جو آغاز ننڍي عمر ۾ چائلڊ ايڪٽر طور ريڊيو پاڪستان جي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ سان ڪيو. 1964ع ۾ جڏهن لاهور ۾ پاڪستان ٽيليويزن جو آغاز ٿيو تہ هن کي پھرين ڊرامي ’نذرانو‘ ۾ ڪم ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. بيشمار ڊرامن ۽ فلمن ۾ ڪم ڪيو جن ۾: ’اندھیرا اُجالا‘، ’لاہوری گیٹ‘، ’دو قدم دور تھے‘، ’مٹھی بھر مٹی‘، ’من چلے‘، ’میرے قاتل میرے دلدار‘، ’پھر چاند پہ دستک‘، ’در شھوار‘، ’بیٹیاں‘ ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. سندس ڊرامي ’اندھیرا اُجالا‘، ’محبت زندگی ہے‘ (فلم)، ’سرفروش‘ (فلم)‘، ’رونگ نمبر‘ (فلم) گهڻي مقبوليت ماڻي. سندس فني خدمتن جي عيوض کيس ڪيترن ئي اعزازن سان نوازيو ويو.
قوي خان 5 مارچ 2023ع تي ڪينسر جي بيماري سبب ڪيناڊا ۾ وفات ڪئي.


لفظ قوي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.11.15  عيسوي

ريڊيي، ٽي وي ۽ فلمن جي اداڪار قوي خان 15 نومبر 1942ع تي پشاور ۾ جنم ورتو.1942


2023.03.05  عيسوي

قوي خان 5 مارچ 2023ع تي ڪينسر جي بيماري سبب ڪيناڊا ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀارو مل اَمراڻي سوٽهڙ
برڪت علي خان
ٿيوو فقير لاشاري
ذوالفقار علي ڀٽو شھيد
ارشاد علي جلالاڻي صوفي فقير
پرويز غلام احمد
اياز علي
مير محمد نورنگي جاگيراڻي
عباسي نبي بخش
ڄام دائود
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون