قيصراڻي

قيصراڻي: مزارين جي رستماڻي قبيلي مان هڪ اهم شاخ قيصراڻي آهي، جنھن جو وڏو قيصر خان رستماڻي هو. ان قيصر خان جي نالي پٺيان، هن شاخ جو نالو ’قيصراڻي‘ پيو. قيصر خان جي اولاد مان سردار مٺا خان چڱو نالو ڪڍيو. ملتان جي حاڪم ’ديوان سانوڻ مل’ قيصراڻين کي جاگير عطا ڪئي، جيڪا نسڙي ۽ ٻيٽ لڌا ۾ هئي. سندن نالي سان قيصراڻي علائقو سنگهڙ نديءَ تي پکڙيل هو، جيڪو بعد ۾ ٽالپرن هنن کان ڦري بوزدارن کي ڏيئي ڇڏيو. هن شاخ جا خاص پاڙا: پوداڻي، جروار، خوبدين، رستماڻي ۽ لشڪراڻي لغاري آهن. سرداريءَ جا پڳ ڌڻي رستماڻي آهن. هڪ تحقيق موجب: ’قيصراڻين‘ جو واسطو رند قبيلي سان پڻ آهي، جنھن موجب قيصراڻي رند بہ آهن. جمالين، جتن ۽ مھيرين ۾ پڻ ’قيصراڻي‘ آهن، جيڪي سرائڪي زبان ڳالهائين ٿا. قيصراڻي جت پاڻ کي، مير جت بہ چوائين ٿا. ڪلمتي قبيلي جي ذاتين ڀوا، جماري، ڳورئي ۽ گبول شاخن ۾ بہ ’قيصراڻي‘ پاڙا آهن.


لفظ قيصراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو