
قيصر خان نظاماڻي
قيصر خان نظاماڻي: خان نظاماڻي'>قيصر خان نظاماڻي 09 آگسٽ 1966ع تي حيدرآباد جي قديم پاڙي ٽنڊي مير محمود ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم سينٽ پيٽرس ھاءِ اسڪول ڪلفٽن ڪراچيءَ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ ايس. ايم سائنس ڪاليج مان بي. ايس. سي ۽ ايس. ايم لاڪاليج مان ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. 1996ع کان پنھنجي پراڊڪشن ھائوس SIMS (Studio in Media Services) جو چيف ايگزيڪيوٽو آھي. هن ڪيترن ئي ڊرامن ۽ ٽي. وي ڪمرشل پروگرامن ۾ بہ ڪم ڪيو آھي. ان کانسواءِ ھن قومي ۽ بين الاقوامي ادارن جھڙوڪ: Zee ٽيلي فلمن، UK، USA ۽ UTN ايشيا طرفان ٺاھيل ڊاڪومينٽرين ۾ پڻ ڪم ڪيو آھي. سندس پيش ڪيل ڊرامن ۾ ’آرزو‘، ’سلسلہ‘، ’انہونی‘، ’صاحب بھادر‘، ’دیوانگی‘، ’نو پئسا نو پرابلم‘، ’تڑپ‘، ’زھراب‘، ’دشت دل‘، ’سودائی یہ دل‘،’ساس کا جڑا‘،’قسمت، زودیک وتھ بشرا‘، ’جیت‘، ’کانٹوں سے آگے‘، ’تمہیں یاد ہو کہ نہ یاد ہو‘، ’وھی لمحے پھر‘، ’خواب آنکھیں خواہش چہرے‘، ’میرا گهر نمبر1‘، ’نمو پاپڑ والی‘، ’سرتاج‘، ’بھٹی اور ڈ یڈ ی‘، ’چٹپٹی محبت‘، ’ہوائیں‘، سنڌي ڊرامو ’آئينو‘ ۽ ٻيا مشھور آھن. ھي روزاني’سنڌ گزيٽ‘ اخبار ۽ ماھوار ’اسٽار پلس‘ مئگزين جو چيف ايڊيٽر بہ رھيو آھي. ڪيترن ئيT.V پروگرامن جي ميزباني پڻ ڪئي اٿس. کيس صدارتي ايوارڊ (2018ع)، سنڌ گورنر اوارڊ (1999ع)، صدارتي شيلڊ (2005ع)، لاير بئنڪنگ فورم اوارڊ (1999ع)، ايم.ٽي.اين ايوارڊ، بھترين پروگرام پروڊيوسر/ ڊائريڪٽر اوارڊ ملي چڪا آھن. خان نظاماڻي'>قيصر خان نظاماڻي 1998ع ۾ ٽي.وي. ڊرامن جي مشھور اداڪارا فضيلا قاضي سان شادي ڪئي، جنھن مان کيس ٻن پٽن جو اولاد آھي. ھن وقت ڪراچيءَ ۾ رھائش پذير آھي.
1966.08.09 عيسوي
سينئر اداڪار ۽ ڊائريڪٽر قيصر خان نظاماڻي 09 آگسٽ 1966ع تي حيدرآباد جي قديم پاڙي ٽنڊي مير محمود ۾ ڄائو.