قيصر خان نظاماڻي
قيصر خان نظاماڻي: سينئر اداڪار ۽ ڊائريڪٽر خان نظاماڻي'>قيصر خان نظاماڻي 09 آگسٽ 1966ع تي حيدرآباد جي قديم پاڙي ٽنڊي مير محمود ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم سينٽ پيٽرس ھاءِ اسڪول ڪلفٽن ڪراچيءَ مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ ايس.ايم سائنس ڪاليج ۽ ايس. ايم لاڪاليج مان BSc ۽ LLB جون ڊگريون حاصل ڪيون. 1996ع کان پنھنجي پراڊڪشن ھائوس SIMS (Studio in Media Services) جو چيف ايگزيڪيوٽو آھي. هن ڪيترن ئي ڊرامن ۽ ٽي.وي ڪمرشل پروگرامن ۾ ڪم ڪيو آھي. ان کانسواءِ ھن قومي ۽ بين الاقوامي ادارن جھڙوڪ: Zee ٽيلي فلمن، UK، USA ۽ UTN ايشيا طرفان ٺاھيل ڊاڪومينٽرين ۾ پڻ ڪم ڪيو آھي. ھن ڪمرشل جي دنيا مان چونڊ ماڻهو کڻي پنھنجي ھڪ ٽيم جوڙي انڊسٽري ۾ به بھترين ڪم ڪيو آھي. سندس پيش ڪيل ڊرامن ۾ ’آرزو‘،’سلسلہ‘،’انہونی‘،’صاحب بھادر‘،’دیوانگی‘،’نو پئسا نو پرابلم‘،’تڑپ‘،’زھراب‘،’دشت دل‘،’سودائی یہ دل‘،’ساس کس جڑا‘،’قسمت٬ زودیک وتھ بشرا‘،’جیت‘،’کانٹوں سے آگے‘،’تمہیں یاد ہو کہ نہ یاد ہو‘،’وھی لمحے پھر‘،’خواب آنکھیں خواہش چہرے‘،’میرا گھر نمبر1‘،’نمو پاپڑ والی‘،’سرتاج‘،’بھٹی اور ڈ یڈ ی‘،’چٹپٹی محبت‘ ۽ ٻيا مشھور آھن. ھي روزاني”سنڌ گزيٽ“ اخبار ۽ ماھوار ”اسٽار پلس“ مئگزين جو چيف ايڊيٽر ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جو ميمبر به رھيو آھي. ان کانسواءِ ڪيترن ئيT.V پروگرامن جي ميزباني پڻ ڪئي آھي.پنھنجي شعبي ۾ بھترين فني خدمتن عيوض کيس حڪومت پاڪستان طرفان بھترين ڪاڪردگيءَ جو صدارتي ايوارڊ (2018ع)، سنڌ گورنر اوارڊ (1999ع)، صدارتي شيلڊ (2005ع)، لاير بئنڪنگ فورم اوارڊ (1999ع)، بھترين ڊائريڪٽر ايوارڊ (2006ع)، ايم.ٽي.اين ايوارڊ ۽ بھترين پروگرام پروڊيوسر/ ڊائريڪٽر اوارڊ ملي چڪا آھن. سال 2002ع کان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ثقافتي وِنگ جي اھم عھديدار طور، شوبز انڊسٽري ۽ فنڪارن جي مسئلن لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪندو رھيو آھي. خان نظاماڻي'>قيصر خان نظاماڻي 1998ع ۾ ٽي.وي. ڊرامن جي مشھور اداڪارا فضيلا قاضي سان شادي ڪئي، جنھن مان کيس ٻن پٽن جو اولاد آھي. ھن وقت ڪراچيءَ ۾ رھائش پذير آھي.
1966.08.09 عيسوي
سينئر اداڪار ۽ ڊائريڪٽر قيصر خان نظاماڻي 09 آگسٽ 1966ع تي حيدرآباد جي قديم پاڙي ٽنڊي مير محمود ۾ ڄائو.