
قيوم منگي
قيوم منگي (شخصيت): قيوم منگي پھرين آڪٽوبر 1954ع تي شڪارپور شھر ۾ گُلشير منگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ايم. اي. تائين تعليم شڪارپور ۾ ڪرڻ بعد ايل. ايل. بي ڪيائين. ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران ’جساف‘ ۾ شموليت اختيار ڪيائين، اڳتي هلي جساف ضلعي شڪارپور جو صدر ۽ ڊويزنل آرگنائيزر رهيو. شڪارپور ۾ قيوم منگيءَ جي ڪچي اوطاق، قومي ڪارڪنن جي ڪچھرين جو مرڪز هوندي هئي.
قيوم منگي جي. ايم سيد کي تمام گهڻو ويجهو رهيو. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ’جيئي سنڌ محاذ‘ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. آئيني ڪميٽيءَ جو ميمبر رهڻ سان گڏ مرڪزي وائيس چيئرمئن چونڊيو ويو. پاڻ ’چڻنگ سنگت‘ ۾ بہ ڪم ڪيائين. سکر ’جهنڊي واري ڪيس‘ ۾ سائين جي. ايم سيد سان گڏ گرفتار ٿيو ۽ وڏو عرصو جيل ۾ رهيو. ان کانسواءِ بہ ڪيترائي ڀيرا گرفتار ٿيو. جي. ايم سيد جي وفات بعد عبدالواحد آريسر ۽ بشير خان قريشيءَ، پنھنجون پارٽيون ضم ڪري جيئي سنڌ قومي محاذ جوڙيو ۽ قيوم منگي جيئي سنڌ قومي محاذ جو پھريون وائيس چيئرمئن بڻيو.1987ع وارين بلدياتي چونڊن ۾ شھرين جي اصرار تي قيوم منگي حصو ورتو ۽ اڳوڻي صوبائي وزير مقبول شيخ جي سامھون چونڊن ۾ بيٺو، جنھن ۾ ڪامياب ٿيو.
4 جون 1998ع تي بشير خان قريشيءَ تي جناح اسپتال جي ڪينٽين ۾ جڏهن حملو ٿيو، تڏهن قيوم منگي سخت زخمي ٿي پيو. اُن ئي وقت کيس جناح اسپتال جي اسپيشل وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو. 22 جون 1998ع تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. سندس مڙھہ شڪارپور آڻي، اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
1954.10.01 عيسوي
قيوم منگي پھرين آڪٽوبر 1954ع تي شڪارپور شھر ۾ گُلشير منگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.
1998.06.22 عيسوي
4 جون 1998ع تي بشير خان قريشيءَ تي جناح اسپتال جي ڪينٽين ۾ جڏهن حملو ٿيو، تڏهن قيوم منگي سخت زخمي ٿي پيو. اُن ئي وقت کيس جناح اسپتال جي اسپيشل وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو. 22 جون 1998ع تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. سندس مڙهه شڪارپور آڻي، اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.