قُبو ڀانڊو: هيءُ ماڳ ضلعي لاڙڪاڻي ۾، رتيديري کان 4 ڪلوميٽر پري ڊکڻ واري رستي تي، واقع آهي. هتي چار قبا آهن، جن مان هڪ قبو ڀانڊو سڏجي ٿو. ھن شاندار قبي يا مقبري ۾ ڪير دفن ٿيل آھي، ان لاءِ مختلف روايتون آھن. ھن کي ھينري ڪزنس ۽ اين. جي مجمدار بہ ڏٺو هو. پر اھو ڄاڻائي نہ سگهيا تہ ھي ڪنھن جو مقبرو آھي. قربان بگٽيءَ جي چوڻ مطابق ان ۾ رتو جلباڻي مدفون آھي، پر ان لاءِ ڪو چٽو ثبوت نہ آھي. مقامي ماڻهن کان روايت آهي تہ ڪنھن گمنام درويش جو سر وڍيل هو، جنھن جو هتي رڳو ڌڙ پوريل آهي، ان ڪري قبي کي ’قبو ڀانڊو‘ چيو وڃي ٿو. مقبري جي ٻاهران زبون حال قبرون آهن. وڏي مقبري جي ڀر ۾ هڪ ننڍڙو مقبرو هو، جيڪو هاڻي ڊهي چڪو آهي. ڀانڊي قبي اندر ڪُل ست قبرون آهن. وڏي قبر تي ڏيئا ٻاريا ويندا آهن. هيءُ مقبرو وڏي اوچائيءَ تي ٺھيل آهي. هتان مليل ٺڪراٺو ۽ ٻيون شيون قديم دؤر جون آهن. قبو ڪافي اوچو ۽ زبون حال آهي. هينري ڪزنس پنھنجي مشھور ڪتاب ’سنڌ جا قديم آثار‘ ۾ ڊکڻ وٽ چئن قُبن جو ذڪر ڪيو آهي، جن ۾ قبو ڀانڊو بہ شامل آهي. سندس تحقيق موجب، قبو ڀانڊو 1740ع ڌاري ٺھيو. هُن ڀانڊي قبي ۾ مدفن شخصيت بابت ڪجهہ بہ نہ لکيو آهي، مقبري جي اڏاوت ۾ پڪيون سرون، گچ گارو ۽ ڪاشيءَ جون سرون استعمال ٿيل آھن. ڇت ۽ گنبذ جي وچ تي، گنبذ- ڳچ وڏو ۽ ويڪرو آھي. ان ۾ ھر پاسي ونگن سان هوادار دريون ڪڍيل آھن. گنبذ ابتي گول پيالي وانگر آهي، مٿان فانوس ۽ فانوس ۾ جارا ٺھيل آھن.