
لئنسڊائون پل
لئنسڊائون پل: هي پُل سکر ۽ روهڙي جي وچ ۾ سنڌو درياهه تي اڏيل آهي. سکر ۽ روهڙيءَ جي وچ ۾ سنڌو درياءَ تي 1889ع تائين ريلوي گاڏين جي اچ-وڃ هڪڙي ٻاڦ تي هلندڙ جهاز وسيلي ٿيندي هئي، جيڪو جهاز هڪ ئي وقت اٺ ريل جي گاڏن کي کڻي سگهندو هو. هن پل لاءِ پھرين سروي 1872ع ۽ 1874ع جي وچ ۾ ڪئي وئي. ڪيئي سالن تائين پل ٺاهڻ جي رٿابندي بابت ڪيترين ئي تجويزن تي ويچاريو ويو. نيٺ سر اليگزينڊر رينڊل ڇڪيندڙ-ڪل واري اصولن هيٺ جوڙيل رٿا تي عمل درآمد جو فيصلو ڪيو. 1883ع جي پڇاڙيءَ ۾ ڪم شروع ٿيو، پر مارچ 1885ع ۾ ڪم بند ڪيو ويو، جو وڏي کلندڙ در جا لوهي حصا اڃا نه پھتا هئا. هن ڪم لاءِ دير سان ضرورت جو سامان مھيا ٿيڻ بعد ٻيھر ڪم شرع ڪيو ويو ۽ پل 1888ع جي پڇاڙيءَ ۾ جُڙي راسَ ٿي. 27 مارچ 1889ع تي ان جو افتتاح هزايڪسيلينسي لارڊ ري ڪيو ۽ پل جو نالو ان وقت جي وائسراءِ لارڊ لئنسڊائون جي نالي پويان لئنسڊائون پل رکيو ويو. پل روهڙيءَ کان سکر ٻيٽ تائين هڪ کلندڙ پل وسيلي وهڪرو پار ڪري ٿي، جيڪا ٻه سؤ فوٽن جي وچئين گهيريندڙ نوڙيءَ سان 310 فوٽ ڊگهن ٻن کوڙيل ڇڪجندڙ ٿنڀن تي ٻڌل آهي، جنھن جي ڪل ڊيگهه 820 فوٽ آهي. کلندڙ در جو ڪل وزن ٽي هزار ٽي سئو ٽن آهي. لوهي ڪم جي اڏاوت لنڊن جي ميسرز وسٽ ووڊ ۽ بائلي وارن ڪئي هئي، جڏهن ته ڪم ۽ طريقيڪار ۽ مٿي کڻڻ واري لاڳو طريقي جي رٿا ايف. اي رابرٽسن جوڙي هئي. ايم. ايس. اين هيڪوئيٽ سڄي ڪم جو اڪيلو ايگزيڪيٽو نگران هو.
ٻيٽ جي سکر واري پاسي تي ٻئي وهڪري جا کُلندڙ ٽي در، جن مان هڪ در ٻه سؤ اٺھتر فوٽ، هڪ در ٻه سؤ اٺٽيھه فوٽ ۽ هڪ در ساڍن چورانوي فوٽن جو آهي. انهن کي جبل تي جوڙيل ٿنڀن تي ويڙهجندڙ لوهي رسن جي مدد سان ٺاهيو ويو هو. پل تي ريلوي جي پٽڙيءَ جيان عام گاڏين جي لنگهڻ لاءِ ساڳي سطح جو هڪڙو رستو ۽ ٻنهي پاسن کان پيادل ماڻهن جي هلڻ لاءِ پيرڙيون به ٺھيل آهن. اهو عام رستو ٽه-رخي متوازن نالين سان پيچيدي اسٽيل واري روپ ۾ ٺھيل آهي.
لئنسڊائون پل جي اڏاوت تي تنھن وقت 38 لک رپيا خرچ ٿيا. پل جي اهميت اها آهي ته اها پُل ان وقت گڏيل هندستان جي پھرين پل هئي، جنھن ۾ گهڻي کان گهڻو لوهه استعمال ٿيو. سڄي ڍانچي جو ڪل وزن اٽڪل 3300 ٽن آهي. پل جا اڪثر حصا لنڊن ۾ ٺاهي جھازن ذريعي هتي پھچايا ويا. پل جي اڏاوت جو ڪم وچ ۾ سال ڏيڍ تائين بند رهيو. ڇاڪاڻ ته لنڊن کان ٺھيل حصا پھچڻ ۾ دير ٿي وئي هئي. هن پل جي ڊزائين سر اليگزينڊر تيار ڪئي. اها پنھنجي وقت ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڪئنچي مثل پل هئي.