
اجواڻي لال سنگهه
لالسنگهه اجواڻي: لالسنگهه هزاري سنگهه اجواڻي 17 جولاءِ 1899ع تي خيرپور، سنڌ ۾ ڄائو. هن بي. اي (آنرز) ۽ ايم. اي (انگلش) جون ڊگريون حاصل ڪيون. سنڌ ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏيڻ بعد، ڀارت ۾ نئشنل ڪاليج باندرا (بمبئي) مان پرنسپاليءَ تان رٽائر ٿيو. هن ساهتيه اڪادميءَ تي ڪيترن سالن تائين سنڌي زبان جي نمائندگي ڪئي ۽ سنڌي صلاحڪار بورڊ جو ميمبر رهيو. هي ڪيترن ئي سنڌي ۽ انگريزي ڪتابن جو مصنف آهي. ’History of Sindhi Literature.‘ سندس شاهڪار ڪتاب آهي، جنھن جو پھريون ڇاپو، ساهتيه اڪادمي دهليءَ پاران 1970ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، هي ڪتاب ’هندستاني ٻولين جي ادب‘ واري سلسلي جو اٺون ڪتاب آهي، ان جو سنڌي ترجمو نقاد ۽ اديب هيري شيوڪاڻيءَ ڪيو، جيڪو سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد پاران ڇپيو. پروفيسر لالسنگهه اجواڻيءَ هند ۾ سنڌي ٻوليءَ کي آئين جي اٺين شيڊيول ۾ مڃتا ڏيارڻ واري تحريڪ ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو. ڪيترن سالن تائين سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا جو صدر رهيو. هن انگريزي ۾ سنڌي ادب جي تاريخ کان سواءِ: (1) ’اُڇل‘ (مضمون: 1961ع)، (2) ’History of Sadhubell a (Pilgrim Place in Sindh)‘ پڻ لکيا آهن. لالسنگهه 1976ع ۾ لاڏاڻو ڪيو.
1899.07.17 عيسوي
لالسنگهه اجواڻي سنڌي ٻوليءَ جو نامور عالم ۽ تعليمدان لالسنگهه هزاري سنگهه اجواڻي 1899ع ۾ سنڌ ۾ ڄائو .
1976.00.00 عيسوي
لالسنگهه اجواڻي 1976ع ۾ وفات ڪري ويو .