لالي ووڊ: پاڪستان جي فلمي صنعت کي لالي ووڊ چيو ويندو آهي، جيڪا بنيادي طور لاهور ۾ قائم آهي. هي صنعت شروعاتي دؤر ۾ پنجابي ۽ اردو ٻولين جي فلمن جو مرڪز رهي. 1989ع ۾ پھريون ڀيرو هاليووڊ (انگريزي فلمي صنعت) ۽ باليووڊ (هندي فلمي صنعت) جي طرز تي ڪالم نويس سليم ناصر ’لاهور‘ لفظ مان ’لا‘ جي اڳياڙي ملائي ’لالي ووڊ‘ جو اصطلاح ٺاهيو ۽ اهو عام طور ڏکڻ ايشيائي سينيمائن ۽ ٻين فلمي صنعتن جي حوالي سان استعمال ٿيندو آهي. ورهاڱي کان اڳ لاهور جي فلم انڊسٽري هندستان جي برطانوي راڄ واري دؤر جي سينيما جو حصو هئي. اداڪار فلمساز ۽ موسيقار 1940ع واري ڏهاڪي ۾ بمبئي جي انڊسٽري ڏانھن هليا ويا، جن ۾: رفيع، نورجھان ۽ شمشاد بيگم شامل آهن. 2007ع کان پوءِ جڏهن اردو فلمن جو مرڪز ڪراچي منتقل ٿيو. تڏهن کان لاهور جي فلم انڊسٽري پاڪستاني فلم انڊسٽري جو مترادف بڻجي وئي. 1948ع کان وٺي 14000 کان وڌيڪ اردو فيچر فلمون 10000 کان وڌيڪ پنجابي فلمون، 8000 کان وڌيڪ پشتو فلمون، 4000 کان وڌيڪ سنڌي فلمون، 1000 بلوچي فلمون تيار ڪري رليز ٿي چڪيون آهن. پاڪستاني فلمي صنعت ۾ پھرين ٺھندڙ فلم ’حسن ڪا ڊاڪو‘ 1929ع ليکي وڃي ٿي.، 2024ع ۾ 100 کان وڌيڪ اردو فيچر فلمون رليز ٿي چڪيون آهن.