لالٽين

لالٽين

لالٽين

لالٽين: ’لالٽين‘ لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آهي، هن لفظ جو صحيح اُچار ’لينٽن‘ (Lantern) آهي. هيءَ ھڪ قسم جي بتِي آهي، جيڪا شمعدان وانگر ٻرندي آهي. هن ۾ گاسليٽ ڪم ايندو آهي، جيڪو لالٽين جي هيٺئين حِصي ۾ ٺھيل ننڍڙي ٽانڪيءَ ۾ پوندو آهي. سوٽي ڪپڙي مان تيار ڪيل مخصوص قِسم جي وَٽِ جو هڪ ڇيڙو گاسليٽ ۾ پيل هوندو آهي ۽ ٻيو ڪُپڙيءَ جي منھن مان مٿي نڪتل هوندو آهي. مٿئين ڀاڱي ۾ شيشو چڙهيل هوندو آهي. ڏنل ننڍڙي جيڪ کي مٿي ڪبو ته وٽ ظاهر ٿيندي. وٽ کي ماچيس جي تيليءَ سان ٻاريو جيڪ لاهي ڇڏبو ته روشني ٿي پوندي آهي. ائين وٽ ٻرندي رهندي آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ لالٽين جو اِستعمال پوري دنيا ۾ هو. اَڄ به سنڌ جي ٻھراڙين ۾ هن جو استعمال عام آهي. بجلي، جنريٽر، سولر سسٽم وغيره متعارف ٿيڻ کان پوءِ لالٽين جو واهپو گهڻو گهٽجي ويو آهي.


لفظ لالٽينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو