لال باغ: سيوهڻ جو لال باغ، قلندر شھباز جي نسبت سان مشھور آهي. مقامي روايتن موجب هتي قلندر آيو هو، هتي جي پاڻيءَ سان غسل وغيره ڪيو هئائين، ان ڪري هتي سندس ڪرامتون موجود آهن، هتي قدرتي پاڻيءَ جا چشما پڻ آهن، جنھن ڪري هتي وڻ ٽڻ نھايت ئي خوبصورت ڏيک ڏين ٿا. لال باغ سياحن ۽ پانڌيئڙن جي ابتدائي منزل آهي. اڳي هتي پيئڻ جو پاڻي نه هئڻ ڪري ٻاهران آندو ويندو هو. 2001ع ۾ کوٽائي ڪري جر جو پاڻي ڪڍيو ويو. باغ جي اولهه ۾ موجود قدرتي چشمي جي پاڻي ۾ گندرف هئڻ ڪري پيئڻ جھڙو نه آهي.