لامبو تلاءُ (ميدان): ٿر جي اولاهين ڪڇ ۾ ماضيءَ جي لامبي تلاءَ، (اڄوڪي لامبي ميدان) کي قومي، ثقافتي ۽ جنگي پس منظر حاصل آهي. هي تلاءُ عمرڪوٽ شھر ۾ قديم زماني کان موجود هو، جيڪو پاڻي سُڪي وڃڻ سبب وڏو ميدان ٿي ويو، شھر وڌڻ سبب هاڻي ته هن تلاءُ ۽ ميدان جا آثار نه ٿا ملن. هن جو ڪجهه حصو زرعي زمين ۾ شامل ٿي ويو ۽ ڪجهه حصو عمرڪوٽ جي ٽائون ڪميٽي پنھنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو. باقي ڪجهه ڀاڱو ڪاليج جي گرائونڊ ۾ تبديل ٿي ويو. لامبي تلاءَ سان سنڌ جي تاريخ ۽ خاص ڪري ٿر جي ماضيءَ جا ڪي اهم لاها چاڙها لاڳاپيل آهن. لامبي جي ڪناري تي حاڪم ۽ رهبر به لٿا، ته فاتح ۽ جلاد به پھتا ته ان جي ڪنڌين تي گودڙي پوش فقيرن آرام ۽ عبادتون به ڪيون.وسڪاري بعد ايڪڙن وارو تلاءُ ميلن ۾ تبديل ٿي ويندو هو، انڪري هن کي ’لامٻو‘ يعني ’ڊگهو‘ سڏيو ويو. آسپاس ۾ فصل به ٿيندا هئا ۽ باغ به هوندا هئا. ان ريت پوکي راهي عمرڪوٽ جو شھر ۽ قلعو لامبي جي ڏکڻ ۾ هئا، مينھوڳيءَ ۾ تلاءَ جو ڏاکڻو ڪنارو، قلعي جي اترين ديوار سان ٽڪرائبو. اولهه ۾ ڏهراسر هو. سومري ڍنڍ ۽ جوڳرائي تلاءَ، لامبي جي اتر ۽ اوڀر ۾ هئا. هتان کان چند ميلن تي هاڙهه، ولهار، سامارو ڍنڍ ۽ هانسيسر (هاسي سنگهه/هاسو سوڍو جي نالي پٺيان) موجود هئا.عمرڪوٽ هن تلاءُ جي مٺي پاڻيءَ جي ڀرسان آباد ٿيو. اڪبر بادشاهه جي دؤر ۾ خان خانان جي حڪم تي عمرڪوٽ تي حملو ٿيو ته هن تلاءَ تي به قبضو ڪيو ويو. نادرشاهه عمرڪوٽ آيو ته هن به ايندي ساڻ لامبي تلاءُ کي اچي والاريو. مدد خان پٺاڻ ڪاهي آيو ته ان به قبضو ڪيو. انگريزن پڻ ائين ڪيو. روايتن موجب شاهه عبداللطيف ڀٽائي پڻ هتي آيو ۽ رهيو هو. درياهه جي رخ مٽائڻ ۽ پوءِ بئراج نظام اچڻ سان لامبو آهستي آهستي ختم ٿي ويو.