لاهوت لامڪان

لاهوت لامڪان

لاهوت لامڪان

لاهوت لامڪان: مشھور زيارتگاهه لاهوت لا مڪان، بلوچستان جي ضلعي خضدار جي وڍ تعلقي جي ساروڻي واري علائقي ۾ ٽاڪرُو سلسلي (پھاڙي علائقي) ۾ واقع آهي، هي قديم زماني کان صوفين، جوڳين، سنياسين ۽ عارفن جي چلا ڪاٽڻ جو مرڪز ۽ زيارت گاهه طور مشھور رهيو آهي. مير علي شير قانع ٺٽوي ’تحفة الڪرام‘ ۾ ڄاڻائي ٿو بنيادي طور تي سنڌ جي صوفين جو تاريخي مقام لاهوت لامڪان آهي. پندرهين صدي عيسويءَ ۾ ڄام نظام الدين ٻيون جي دور ۾ ٺٽي جو هڪ بزرگ بلاول شاهه نوراني ڪنھن سبب ٺٽي کان اولهه طرف روانو ٿيو ۽ هڪ گوڪل واديءَ ۾ داخل ٿيو. هن ماڳ تي هر سال هزارين مسلمان لاهوت لامڪان جي زيارت لاءِ وڃن ٿا، جيڪي لعل شھباز قلندر جي درگاهه کان سفر شروع ڪري، هن وادي ڏانهن پندرهن ڏينھن جي ياترا (زيارت) ڪن ٿا ۽ رستي ۾ مختلف مزارن (يا اسٽيشنن) تي ترسي پوندا آهن. لاهوت ۾ مولا علي عه جي قدمن جا نشان به موجود آهن. روايت آهي ته جڏھن مولا علي عه ’گوڪل ديو‘ سان وڙھڻ لاءِ پنھنجي گهوڙي تان ھيٺ لٿو ھو. تڏهن سندس قدمن جا نشان اتي اڪرجي ويا. لاهوت واري غار ڏانهن ويندڙ رستي سان ٽائلس سان جوڙيل هڪ مسجد به آهي جنھن کي حضرت آدم جي مسجد چيو وڃي ٿو.


لفظ لاهوت لامڪانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو