لاپو: انگريزن سنڌ تي قبضي کان پوءِ آبادگارن تي مختلف ٽيڪس مڙهيا هئا، گڏوگڏ اُن علائقي ۾ ڪامورن جي اچڻ يا اچي رهڻ وقت کاڌي وغيره جو خرچ به زميندارن تي رکيل هوندو هو. اهو خرچ زميندار وري هارين کان وٺندا هئا. انهيءَ خرچ کي ’لاپو‘ چيو ويندو هو. جن ۾، زميندارن کي هارين کان ’لاپو‘ وٺڻ جو حق ڏنو ويو هو، جنھن کي ’زمينداري‘ ۽ ’مالڪاڻو‘ به سڏيو ويندو هو. انگريزن جي وقت تائين لاپو وٺڻ جو رواج جاري رهيو. جن هارين لاپي ڏيڻ کان انڪار ڪيو، تِن بابت زميندارن جي دعويٰ کي ديواني عدالتن برقرار رکيو. انگريزن جي شروعاتي دؤر کان جيڪي غيرآباد زمينون، زميندارن جي جائيداد ۾ شامل هيون، اهي مسلسل غيرآباد رکڻ ڪري سرڪاري تحويل ۾ ورتيون ويون. اهي نون تحويلدارن کي ڏيڻ کان پوءِ انهن تي لاپو لاڳو نه ڪيو ويو.