لاڙ

لاڙ: لاڙ، سنڌ جي طبعي ورهاست وارن پنجن ڀاڱن مان هڪ ڀاڱي جو نالو آهي. لاڙ هيٺانھين پاسي کي چيو ويندو آهي، هي ڀاڱو سمنڊ سان ڳنڍيل آهي. لاڙ ۾ سنڌ جا ضلعا بدين، ٺٽو، سجاول، ٽنڊو محمد خان ۽ ڪي ڪراچيءَ جا علائقا به اچي وڃن ٿا. هن جي هر طبعي ڀاڱي جي قدرتي طور جدا جوڙجڪ آهي. هر حصي جي جاگرافي، آبھوا، تاريخي پسمنظر، معاشي ۽ سماجي حالتون ڌار ڌار آهن. سڄي سنڌ جي ثقافت، تاريخ، تمدن، ٻولي هڪ آهي، پر طبعي لحاظ کان لاڙ جي الڳ سڃاڻپ آهي. لاڙ جو ڏاکڻيون ڪنارو سمنڊ سان لڳي ٿو ۽ ڪافي حصي ۾ ڍنڍون، ڍورا، پاڻيءَ جا دُٻا، پراڻن واهن جي وهڪرن جا نشان ۽ ڦٽل شھرن جا آثار موجود آهن. لاڙ صدين تائين ڪيترن ئي دريائن (هاڪڙو) پراڻ، ساڱرو، پٽيھل ۽ سنڌوءَ جي ڪيترن ئي ڇوڙن سبب آباد ۽ سرسبز علائقو رهيو آهي. هتي مالوند مارو ماڻهو پنھنجا شھر ۽ ڳوٺ ٻڌي آباد ٿيا، ان ڪري ماڻهن جي سماجي حالت بھتر هئڻ سبب ڪيترائي ٻاهران حملي آور ڪاهون ڪري ايندا رهيا. سڪندر يونانيءَ کان وٺي، محمد بن قاسم، ارغون، ترخان، ڊچ، پورچوگيز ۽ مغلن تائين ڪيترن ئي ٻاهرين حملي آورن هن علائقي تي ڪاهون ڪري، نه رڳو ڦرلٽ ڪئي پر باهيون ڏيئي شھرن جا شھر ساڙائي ڇڏيا.
لاڙ جي جاگرافي: لاڙ واري خطي جي پکيڙ 11589 چورس ميل آهي. هن جي اتر ۾ حيدرآباد جو لطيف آباد تعلقو، ٽنڊوالھيار ضلعو ۽ ڄامشوري جو ڪوٽڙي تعلقو آهي، اوڀر ۾ ڏيپلو تعلقو، ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ، عربي سمنڊ، اولهه ۾ ڪراچيءَ جو اڳوڻو ضلعو ملير آهي. هن خطي جي سرحدي بيھڪ مٽياريءَ کان شروع ٿئي ٿي ۽ پـُراڻ درياهه جي اورينءَ ڀر تائين، يعني بدين ضلعو، موجوده ٽنڊو محمد خان ضلعو، ٻئي طرف سڄو ٺٽو ضلعو ۽ ڪراچيءَ جي به ڪافي ايراضي هن ۾ شامل آهن. قدرتي طور لاڙ وارو خطو ڇھن طبعي ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، جن ۾: کارو، ميدان، ماڃَر، ڪَس، لُوڻ کاڻيون، جبل ۽ ڪڪرالو شامل آهن. هر هڪ ڀاڱي جو احوال هيٺ ڏجي ٿو:
کارو: هي ڀاڱو بدين ضلعي جو ڏاکڻو علائقو، ٺٽي ضلعي ۾ جاتي ۽ لاڏين جي ڏکڻ کان شروع ٿي، گهوڙا ٻاري، ميرپور ساڪري ۽ ملير تعلقن، ڪراچيءَ جي ڏکڻ تائين وڃي ٿو. هن ايراضيءَ ۾ درياهه جا ڪيترائي ’ڍورا‘ ۽ ’ڇوڙ‘ آهن، جي درياهه جي ٻنهي طرفن کان ڏسڻ ۾ ايندا آهن. هن ڀاڱي جو سامونڊي ڪنارو، تراکڙو آهي، جنھنڪري لاڙ اڄڪلهه قدرتي بندرن کان محروم آهي. آڳاٽي زماني ۾ هن سامونڊي ڪناري ۾ ڪيترا ئي بندر هئا ۽ درياهه جا ڇوڙ ۽ کاريون به گذريل زماني ۾ واپاري آمدرفت جو اهم ذريعو رهيا آهن. کاري کي چئن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: (الف) بدين ضلعي وارو کارو، (ب) شاهبندر تعلقي وارو کارو، (ت) ٺٽي ضلعي وارو کارو، (ث) ڪراچيءَ جو ڏاکڻو علائقو. شاهبندر تعلقي واري کاري واري ايراضيءَ ۾ هاڻي ماڻهن جو گذر سفر گهٽ آهي. ’سَتاهه واهه‘ جي ڇوڙ کان وٺي، سمنڊ تائين، تمر جي وڻن جا جهنگ آهن. جنھنڪري هتي گاهه جي گهڻائيءَ سبب مينھن جا ڌڻ نظر ايندا آهن، هن ڀاڱي جي ماڻهن جو گذر گهڻو ڪري چوپائي مال ۽ مڇيءَ تي آهي.
هن ايراضيءَ ۾، ڪيترائي آڳاٽن، ڦٽل شھرن جا نشان به ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ’دؤجي‘ ڳوٺ کان هيٺ ڏکڻ طرف، جتي ’پکار‘ کاري، ’سير‘ کاريءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، اُتي وڏي ايراضيءَ ۾ دڙا آهن. ’دؤجا‘ کان چوڏهن ميل هيٺ ڏکڻ طرف، ’کڏي‘ ۾ جتي هاڻ لوڻ جا ميدان آهن، اُتي قديم زماني ۾ ڪو بندر هو، جنھن کي ’جهارَ گهري‘ بندر ڪوٺيندا هئا. هي ڀاڱو لوڻ جي ڍنڍن جي ڪري مشھور آهي. ’هڪڙي واڙو‘، ’دنگي واڙو‘، ’بيل واڙو‘ ۽ ’سڳنڌيا‘ ڍنڍون، لوڻ جي پيداوار سبب مشھور آهن. اُن کانسواءِ بدين ۽ گولاڙچي تعلقن ۾ سومري، ڍانڱڻي، مربو، لواري، روڌر ۽ احمد راڄو (مارائي ڍنڍ) پڻ لوڻ جون مشھور ڍنڍون آهن.
ساڳيءَ طرح ميرپور ساڪري ۽ گهوڙا ٻاڙي تعلقن جي ڏاکڻين پاسي ڪيتريون ئي کاريون ۽ ڍورا (شيشا کاري ۽ ڦٽي کاري) آهن، جن ۾ ٻيڙين رستي آمدرفت ٿئي ٿي.
زرخيز زمين: ميرپور بٺوري، ٽنڊي محمد خان، جاتي، ماتلي ۽ ٽنڊي باگي تعلقن جي اترئين اڌ واري زمين، ميدانن وارو حصو آهي. هن حصي جي زمين سنوت واري، زرخيز ۽ آباد آهي. ٺٽي، ساڪري ۽ گهوڙاٻاريءَ جا علائقا به زرخيز آهن. هن ڀاڱي ۾ هر قسم جو فصل ٿئي ٿو ۽ مال توڙي ماڻهن جي آبادي هن ڀاڱي ۾ گهڻي آهي.
ماڃر: سجاول ضلعي ۽ ان جي ڀرپاسي واري حصي کي ’ماڃر‘ چيو ويندو آهي. هن ايراضيءَ ۾ ڍنڍون تمام گهڻيون آهن، جن ۾ ’مڃر‘ جي گهڻي ٿيڻ ڪري هن خطي کي ’ماڃر‘ چئبو آهي. ڍنڍن ۾ بھه، پٻڻ، لوڙهيون، پن، ڏير، مڇي ۽ پکي (سياري جي موسم ۾، سارين جي فصل لھڻ وقت روهاڪي پکي) گهڻي تعداد ۾ ٿيندا آهن.
لوڻ: ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعن جي سمنڊ سان لاڳو پاسو لوڻ وارو آهي. هي ڀاڱو گهڻوڪري غير آباد آهي. هتي ماڻهن جو رهڻ ڏکيو آهي.
ڪڪرالو: مختلف دؤرن ۾ لاڙ ڪيترن ئي پرڳڻن ۾ ورهايل رهيو آهي. جن ۾ چاچڪان پرڳڻو، بٺورو پرڳڻو، ديرڪ پرڳڻو، ڪڪرالو پرڳڻو، سَتيار ۽ پليجار پرڳڻا اهم رهيا آهن. ڪڇ جو رڻ به لاڙ ۾ ئي پڄاڻي ڪري ٿو. هتي سنڌو نديءَ جا پراڻا وهڪرا آهن. جن ۾ هاڪڙي، مھراڻ، پراڻ ۽ ريڻ جا نشان اڄ به موجود آهن. لاڙ مان ڪيترائي واهه نڪرن ٿا، اُن ڪري لاڙ ماضيءَ جو خوشحال خطو هئڻ ڪري وڏو واپاري مرڪز پڻ رهيو آهي. سامونڊي ڪناري وارا شھر ۽ علائقا، صدين تائين سندن بندرگاهه پڻ رهيا جنھنڪري وڻج واپار ٿيندو رهيو، انهن ۾ ضلعي ٺٽي جي بندرگاهن: ڪيٽي بندر، شاهه بندر، رڙي، ساڪرو، جاتي ۽ ضلعي بدين جي اورنگا بندر، سنڊو بندر، علي بندر، احمد راڄو بندر، جن تي واپار ٿيندو هو.
صنعتي طور لاڙ اسريل خطو آهي. ڪمند جي گهڻي پوک سبب لاڙ ۾ ڪيتريون ئي شگرملون آهن، سارين جي پوک سبب بدين ضلعي ۾ ڪيتريون ئي ملون آهن. ڦليلي، ميرواهه، قاضي واهه، پنڃاري، امام واهه، گونگڙو، باگو واهه، لائينڊ چئنل ۽ ٻيا ننڍا وڏا ڪئنال لاڙ جون زمينون آباد ڪن ٿا. لاڙ ۾ ڪيترائي قديم آثار آهن، جن ۾: ٿرڙو، ٻُڌڪا، سڏيرڻ، مھاجي راءِ، ڀنڀور، رتوڪوٽ، ڌاراجا، هميتون، رڙي، وڳهه ڪوٽ، مڪلي، جهوڪ، شاهجھان مسجد، جهرڪ، ملون حسن، تماچيءَ جي ماڙي، لنواري شريف، حاجي ترابيءَ جو مقبرو، ڪيٽين جا قبا، نوريءَ جي مزار ۽ ٻيا آثار اچي وڃن ٿا.
لاڙ جي مشھور شھرن ۾: ٺٽو، ميرپورساڪرو، جاتي، بدين، ميرپوربٺورو، گهارو، بلڙي شاهه ڪريم، جهوڪ شريف، ڪڙيو گهنور، ڏندو، سجاول، کاروڇاڻ، ڪيٽي بندر، گهوڙا ٻاري، چوهڙ جمالي، شھيد فاضل راهو (گولاڙچي)، ماتلي، تلھار، گهارو، پنگريو، ٽنڊوباگو، ٽنڊو غلام علي، ٽنڊو غلام حيدر، دڙو، جهرڪ، جهڏو، نندو، ٽنڊو محمد خان، ٻنون، ٻيلو ۽ ٻيا شھر شامل آهن.
لاڙ جي موسم موافق ۽ گهميل رهي ٿي. هتي فصلن ۾: ساريون، ڪمند، ٽماٽا، جوار، ڪڻڪ، ٻاجهري، مڪئي، سورج مکي، مرچ، توريو، ڄانڀو وغيره ۽ ميون ۾ ڪيلا، انب، ڄمون، زيتون جهجهي تعداد ۾ ٿين ٿا.


لفظ لاڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو