لاڙڪ

لاڙڪ: هي سميجا ڪل مان ملاح ۽ مھاڻا آهن. هڪ روايت موجب ملاحن جي مڇي ڦاسائڻ واري هڪ ڄار جو نالو ’لاڙڪي‘ هو، جيڪي ان ڄار جي نالي جي نسبت سان لاڙڪي ملاح مشھور ٿيا. وقت گذرڻ سان اهو لفظ سنڌي صوتي روپ اختيار ڪري ’لاڙڪ‘ ٿيو، جن کي ملاح بجاءِ ’لاڙڪ‘ چون ٿا. ايس صادق علي 1901ع ۾ هڪ ڪتاب The Muslman Races Found in Sindh, Balochistan and Afghanistan پنھنجي ڪتاب جي ص 62 جريان نمبر 147 تي لکيو آهي: ’لاڙڪ‘ ملاح آهن.‘ گائينچا سماٽ ذات آهي. انهن جي هڪڙي پاڙي جو نالو پڻ ’لاڙڪ‘ آهي. ائين بھليم هڪ قبيلي جو نالو به ’لاڙڪ‘ آهي.


لفظ لاڙڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو