لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻو (شھر): لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ضلعي هيڊڪوارٽر جي حيثيت رکندڙ سنڌ جو مشھور شھر آهي، جنھن جي اوڀر ۾ سنڌوندي وهي ٿي. هن علائقي جو تاريخ ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي، ڇوته دنيا جو پنج هزار سال پراڻو شھر موهن جو دڙو لاڙڪاڻي شھر کان 28 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڏکڻ ۾ آهي. جنھن کي سڄي دنيا جي تاريخ ۾ هڪ سڌريل ۽ تھذيب يافته شھر مڃيو وڃي ٿو. موهن جو دڙو سنڌو نديءَ جي ساڄي ڪپ سان 6 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. 2017ع ۾ ٿيل آدمشماري ۾ انگن اکرن موجب لاڙڪاڻي جي آدمشماري 5 لکن تي ٻڌل آهي.
هن علائقي جو پُراڻو نالو چانڊڪا هو. چچ نامي مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته راءِ گهراڻي جي دور ۾ هن علائقي کي ٻُڌيه سڏيو ويندو هو، جنھن ۾ موجوده لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد، قنبر-شھدادڪوٽ ضلعا ۽ بلوچستان جو ڪڇي ناڙي وارو علائقو شمار ڪيا ويندا هئا. سمي حڪمران ڄام نظام الدين جي زماني ۾ ڪجهه وقت لاءِ ارغونن سبي شھر تي قبضو ڪيو ۽ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن جي يلغار کي روڪڻ لاءِ هن علائقي جي چانڊين ڄام نندي جي وزير دريا خان جي مدد ڪندي ارغونن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. ان عيوض ڄام نندي طرفان چانڊين کي جاگير ملي، جنھنڪري هن علائقي جو نالو چانڊڪا مشھور ٿيو.
مشھور تاريخ تحفة الڪرام ۾ لاڙڪاڻي جو ذڪر آيو آهي، پر اُن ۾ به اهو ڄاڻايل نه آهي ته هي شھر ڪنھن آباد ڪيو. ان کان پوءِ جي تاريخن جھڙوڪ: تاريخ تازه نوائي معارڪ ، لبِ تاريخ سنڌ ۽ انگريز سياحن جي سفرنامن ۾ به هن شھر جو نالو ملي ٿو. البت ڪلھوڙا دور کان اڳ جي تاريخ جھڙوڪ: چچ نامه ، آئين اَڪبري ، تاريخ معصومي ۽ تاريخ مظھر شاهجھاني ۾ هن شھر جو ذڪر نٿو ملي. ان مان ظاهر آهي ته لاڙڪاڻو شھر ڪلهوڙن جي دور ۾ پنھنجي سياسي، ثقافتي ۽ اقتصادي اهميت سان نمايان ٿيو. ٿي سگهي ٿو ته اڳ ۾ هي شھر موجود نه هو، جي هو ته ننڍي وستي، وسندي يا ڪا مياڻي هجي، جنھن کي ڪا اهميت حاصل نه هئي.
هڪ رَوايت موجب لاڙڪاڻو شھر لاڙڪ قبيلي ٻَڌايو هو.ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ لاڙڪاڻي ۾ آبپاشيءَ جو نظام قائم ٿيو ۽ زراعت کي ترقي ملي، نه فقط ايترو پر لاڙڪاڻي کي بندر جي حيثيت پڻ حاصل هئي ۽ اهو تجارت جو مرڪز بڻيو. جنھنڪري صنعت ۽ حرفت ترقي ڪئي ۽ خوشحالي آئي.
ڪلهوڙن جي زماني ۾ گهاڙ واهه کي نئين سر کوٽائي آبپاشيءَ جي ذريعن کي بھتر ڪيو ويو. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڏينھن ۾ گهاڙ واهه مان نوان واهه ڪڍيا ويا. جھڙوڪ: نور واهه، شاهه جي ڪور (شاهه بھاري جي نالي پٺيان) ڏاتي جي ڪور، وغيره. گهاڙ واهه کانسواءِ لاڙڪاڻي جي ڀرسان نارو به وهندو هو. رتيديري وٽان وري سکر واهه وهندو هو، جنھنڪري لاڙڪاڻي واري علائقي ۾ پاڻي ججهو هو. ساريون ۽ ٻيا فصل ٿيندا هئا، انگريزن جي اوائلي دور تائين لاڙڪاڻو اناج جو تمام وڏو مرڪز هو. لاڙڪاڻي جي جائيلس بازار ۾ اناج جا 370 دڪان هئا.
بيھڪ جي لحاظ کان لاڙڪاڻي کي اهم حيثيت حاصل هئي. بولان لڪ کان واپاري قافلا، شڪارپور کان ايندا هئا. انهن ڏينھن ۾ گهاڙ واهه، آبپاشيءَ کانسواءِ دريائي آمدرفت جو پڻ اهم ذريعو هو. لاڙڪاڻي وٽ گهاڙ واهه تي وڏو بندر هو، جتي سدائين ٻيڙا بيٺا هوندا هئا. واپاري ٻيڙا گهاڙ واهه ذريعي سنڌو درياهه تائين ايندا هئا ۽ پوءِ هيٺ حيدرآباد ۽ ٺٽي تائين ۽ مٿي سکر، ملتان ۽ لاهور تائين ويندا هئا. اناج کانسواءِ هتي ڍورن جو چارو به تمام گهڻو ٿيندو هو، جنھن ڪري کير مکڻ تمام گهڻو هو. مکڻ ايترو هوندو هو، جو ٻيڙيون مکڻ سان ڀري، حيدرآباد موڪليون وينديون هيون.
گهاڙ واهه جي ڪري لاڙڪاڻي جي چوڌاري گهڻا باغ هئا، جتي ميويدار وڻ جهڙوڪ: انب، زيتون ۽ کجور وغيره هئا. اهڙي سرسبزيءَ ۽ شادابيءَ ڪري لاڙڪاڻي کي ”سنڌ جو عدن“ سڏيو ويندو هو. لاڙڪاڻي جا ماڻهو خوشحال هئا ۽ نفاست، لطافت، رنگينيءَ ۽ رعنائي لاڙڪاڻي جون خاص خوبيون هيون. ان ڪري لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو ۽ هجئي ناڻو ته گهُم لاڙڪاڻو چوڻيون مشھور ٿيون. صنعت ۽ حرفت جي لحاظ کان به لاڙڪاڻي جو وڏو ناماچار هو. هتي سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙو وڏي تعداد ۾ نھايت عمدو ٺھندو هو. هتي جو ڪپڙو نه فقط سنڌ جي مختلف شھرن ڏانھن ويندو هو، پر ڏيساور ۾ به گهڻو مشھور هو، نه فقط ايترو پر هتي ڪٽ جا ٿانوَ تمام سٺا ٺھندا هئا، جيڪي پري پري تائين ويندا هئا. هتي ڪاغذ به ٺھندو هو.
اَنگريزن کان اَڳ مير مراد علي خان ٽالپر جي دؤر (1239هه/ 1823ع) ۾ نواب ولي محمد خان لغاري لاڙڪاڻي جو نائب هو. هن لاڙڪاڻي ۾ رهي، علائقي جي زراعت، تجارت، آبپاشي، صنعت ۽ حرفت کي زور وٺايو. 1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ ٽالپرن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو. انتظامي لحاظ کان انگريزن سنڌ ِکي ٽن ضلعن ۾ ورهايو: شڪارپور، حيدرآباد ۽ ڪراچي. لاڙڪاڻي وارو علائقو شڪارپور ضلعي جو حصو هو. 1884ع ۾ تجر باغ واري عمارت تجر ۾ انگريز ڪليڪٽر جائيلس جي نالي پٺيان لائبرري قائم ڪئي وئي هئي، جنھن تي جائيلس لائبرري نالو رکيو ويو. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ به اها لائبرري ساڳي عمارت ۾ هلندي رهي. باغ ۾ ٽائون هال ٺھڻ کان پوءِ لائبرري ٽائون هال جي عمارت ۾ آندي وئي. جڏهن ٽائون هال ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر قائم ڪيو ويو، ته هن لائبرري کي نيشنل سينٽر لائبرري جو نالو ڏنو ويو، هيءَ لائبرري ميونسپل ڪميٽي لاڙڪاڻو هلائيندي هئي.
پھرين آگسٽ 1901ع تي لاڙڪاڻو ضلعو قائم ٿيو، جنھن ۾ موجوده لاڙڪاڻي ضلعي کان سواءِ موجوده دادو ضلعي جو سيوهڻ تائين وارو حصو پڻ شامل هو. لاڙڪاڻي ضلعي قائم ٿيڻ وقت شھداد ڪوٽ وارو حصو جيڪب آباد کان ڪٽي شھداد ڪوٽ تعلقو ٺاهي، ان کي به لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو. 1930ع ۾ دادو کي ضلعي جو درجو مليو ته سيوهڻ تائين وارو علائقو ان ۾ شامل ٿيو ۽ بعد ۾ 2005ع ۾ جڏهن قنبر-شھدادڪوٽ ضلعو قائم ٿيو ته شھدادڪوٽ، قنبر، ميروخان ۽ وارهه جي الڳ ٿيڻ بعد لاڙڪاڻي ضلعي موجوده صورت اختيار ڪئي.
انگريزن جي دؤر ۾ لاڙڪاڻي کي ضلعي جو درجو مِلڻ کان پوءِ ان جو پھريون ڊپٽي ڪليڪٽر مسٽر ٽوپر 'Toper' هو، جيڪو ميونسپالٽيءَ جو پھريون صدر مقرر ٿيو. سر شاهنواز ڀٽو 1921ع کان 1933ع تائين لاڳيتو لاڙڪاڻي ضلعي لوڪل بورڊ جو پھريون چُونڊيل صدر رهيو. اُن کان پوءِ خانبھادر ڪريم بخش خان کھاوڙ لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو چيئرمين، صدر ۽ نائب صدر ٿيو. 18 آڪٽوبر 1938ع تي جڏهن قائداعظم محمد علي جناح لاڙڪاڻي ۾ آيو ته ان وقت نبي بخش خان ڀٽو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو صدر ۽ ڪريم بخش خان کھاوڙ نائب صدر هئا.
هن وقت لاڙڪاڻي ضلعي ۾ لاڙڪاڻو، ڏوڪري، باقراڻي ۽ رتوديرو تعلقا شامل آهن، جڏهن ته اَڳ قنبر، شھدادڪوٽ، وارهه ۽ ميرو خان تعلقا به لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شامل هوندا هئا، پر ضلعو قنبر - شھدادڪوٽ ٺھڻ کان پوءِ 4 تعلقا نئين ضلعي ۾ شامل ڪيا ويا. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو واهپو گهڻو آهي، براهوي، اُردو، بلوچي ۽ سرائڪي ٻوليون به ڳالهايون وڃن ٿيون. لاڙڪاڻي شھر جي ڀر ۾ ماهوٽا ڳوٺ ۽ اِسٽيشن اَڄ به واقع آهي، جنھن بابت ماضيءَ جي پُراڻن ورقن مان معلوم ٿئي ٿو ته هتي ڪنھن زماني ۾ هڪ وڏو بندرگاهه هو، جتي سڪندر يوناني پڻ آيو هو.
ورهاڱي کان پوءِ ملڪي سياسي ميدان ۾ به هن شھر سان لاڳاپيل شخصيتن جو وڏو حِصو رهيو آهي. لاڙڪاڻي جا سياستدان ملڪ توڙي سنڌ سطح جي اَهم عھدن تي رهيا آهن، جن ۾ خانبھادر محمد اَيوب کھڙو (ورهاڱي بعد سنڌ جو پھريون وڏو وزير)، شھيد ذوالفقار علي ڀُٽو (صدرِ مملڪت، وزيرِخارجه، چيف مارشلا ايڊمسنٽريٽر ۽ پھريون چُونڊيل وزير ِاَعظم)، شھيد راڻي محترمه بينظير ڀُٽو (ٻه ڀيرا چُونڊيل وزير اَعظم)، سيد ديدار حُسين شاهه (چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ چيئرمين نيب)، ممتاز علي خان ڀُٽو (سنڌ جو گورنر، چُونڊيل ۽ نگران وڏو وزير)، نثار احمد کھڙو (صوبائي وزيرِ تعليم ۽ سنڌ اِسيمبليءَ جو اِسپيڪر)، حميده کھڙو (صوبائي وزير تعليم)، محمد اَياز سومرو (صوبائي وزيرِ قانون) وغيره جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا.
علمي ۽ ادبي لحاظ کان به لاڙڪاڻو اهم رهيو آهي. 1915ع ۾ ”بزم مشاعره“ لاڙڪاڻي جو قيام عمل ۾ آيو. 1939ع ۾ سنڌ سڌار سوسائٽي جو بنياد پيو. هن سوسائٽي جي طرفان 1941ع ۾ ماهوار ”اديب سنڌ“ جاري ڪيو ويو، جنھن ٻولي ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي.
هتي شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي هڪ اهم ادارو آھي، جيڪو اِدارو شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت کان اڳ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي نالي سان سڏبو ھو. ان کان علاوه قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھه ، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو (هي اِدارو لاڙڪاڻي کان 28 ڪلوميٽر پري موهن جي دڙي جي ڀرسان واقع آهي)، گرلس ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو، گورنمينٽ ايگريڪلچر ڪاليج ڏوڪري ، پوليٽيڪنيڪل ڪاليج (انسٽيٽيوٽ) لاڙڪاڻو ، پوليس ٽريننگ اسڪول ، ٽيچرز ٽريننگ ڪاليج ، نرسنگ اسڪول ، وومينز ٽيچنگ اينڊ ٽريننگ اسڪول ، پيراميڊڪ اسڪول لاڙڪاڻو ، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ، پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻو ، گورنمينٽ پائلٽ هاير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو ، گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ، گورنمينٽ بيگم نصرت ڀٽو گرلس ڪاليج لاڙڪاڻو، زيبسٽ لاڙڪاڻو ، ناليج سينٽر شھر جي معياري ۽ اعلى تعليمي اِدارن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. اُن کان علاوه لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن به موجود آھي.
لاڙڪاڻي جي وڏين اسپتالن ۾ شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي (ٽيچنگ اِسپتال)، سول اسپتال لاڙڪاڻو ، چانڊڪا اکين جي اسپتال ، نيشنل اِنسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊزيزز (NICVD) سيٽلائيٽ سينٽر لاڙڪاڻو ، SIUT لاڙڪاڻو سينٽر ، شيخ زيد اسپتال ۽ ٻيون اسپتالون شامل آهن.
لاڙڪاڻي شھر ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي سرڪٽ ڪورٽ ڪم ڪري رهي آهي، لاڙڪاڻي ضلعي جا ھاءِ ڪورٽ وارا ڪيس لاڙڪاڻي واري رجسٽري ۾ داخل ٿيندا آهن. ضلعي عدالتن جي نظام ۾ ھتي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت لاڙڪاڻي شھر ۾ واقع آهي، جنھن سان گڏ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن جون 8 عدالتون قائم آھن. لاڙڪاڻي شھر ۾ ڪنزيومر ڪورٽ، بينڪنگ ڪورٽ، ليبر ڪورٽ، ايٽي ٽيررزم ايڪٽ ڪورٽ، اينٽي ٽيررزم ڪورٽ پڻ ڪم ڪن ٿيون. ضلعي اندر وڪيلن جي ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ضلعي بار ايسوسيئيشن پڻ قائم آهي جيڪا سنڌ بار ڪائونسل جي نگراني ۾ ڪم ڪري ٿي.
لاڙڪاڻي جي اَهم سرڪاري اِدارن ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو ، سَر شاهنواز ڀُٽو ميموريل لائبريري ، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان شمار ڪري سگهجن ٿا، جڏهن ته خانگي علمي، اَدبي توڙي صنعتي اِدارن ۾: گل حيات اِنيسٽيٽيوٽ ، نياز اَڪيڊمي ، سچل اَدبي مرڪز ، سنڌڙي ڪتابي سلسلو ، سمبارا پبليڪيشن، لاڙڪاڻو ، بزمِ سچل، لاڙڪاڻو ، عبدالحئي قاضي ميموريل لٽريري سوسائٽي ، ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو ، سَر شاهنواز ڀُٽو شگر مل ۽ ٻيا شامل آهن.
لاڙڪاڻي جي شاعرن، علمي ۽ ادبي شخصيتن ۾ عثمان فقير سانگي، فقير نانڪ يوسف، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، هري دلگير، نواز علي نياز جعفري، محمود خادم، هوند راج دُکايل، ڪشنچند بيوس ، پروفيسر رام پنجواڻي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، غمدل فقير، ڊاڪٽر اَياز قادري، هري موٽواڻي، لقمان حڪيم، صوفي وريل فقير، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سام جئسنگهاڻي، ڊاڪٽر سَرلا ديوي، مولانا نذير احمد جتوئي، مرتضى اعظم عباسي، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر بشير احمد شاد ، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، سرڪش سنڌي، مقصود گل، اَنيس انصاري، اخلاق انصاري، سرمد چانڊيو، غلام نبي گل، اِشتياق اَنصاري، شبنم گل، اسحاق اَنصاري، قاضي عبدالحئي قائل، ڊاڪٽر قاضي منظر حيات، ڊاڪٽر بدر ڌامراهو، ڊاڪٽر فياض لطيف، مختيار سمون، عبدالغفار تبسم ، اَياز جاني، سعيد ميمڻ، منٺار سولنگي، جواد جعفري، روبينه ابڙو، ساڀيان سانگي، ڊاڪٽر اَحسان دانش، عادل عباسي، ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو ۽ ٻين جا نالا ڳڻائي سگهن ٿا، جڏهن ته ثقافت، راڳ ۽ موسيقي جي ميدان ۾ سنڌ جي هن خطي مان عابده پروين، اُستاد گلزار علي خان، مٺو ڪلهوڙو، ماسٽر ميھر علي، اُستاد اَنور علي سانگي، مريد عباس ڪٽپر، غلام شبير سمون، فقير منور علي اَبڙو، سيد صدرالدين شاهه، ديدار حُسين سمون، ماسٽر فتح علي، ماسٽر منظور، عاشق نظاماڻي، الطاف سمون، نذير سمون، سليم رضا ڪنڀر ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن سڃاڻپ حاصل ڪئي آهي.


لفظ لاڙڪاڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو