لاڙڪاڻو شھر

لاڙڪاڻو (شھر): لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ضلعي هيڊڪوارٽر جي حيثيت رکندڙ سنڌ جو مشھور شھر آهي، جنھن جي اوڀر ۾ سنڌوندي وهي ٿي، جيڪا هن کي سکر، خيرپور، نوشھري فيروز ۽ شھيد بينظيرآباد ضلعن سان ملائي ٿي. اولهه ۾ ضلعي قنبرشھدادڪوٽ جون حدون ۽ کيرٿر جبل جون قطارون اٿس. اتر ۾ جيڪب آباد ۽ شڪارپور ضلعن جي حد هن ضلعي سان لڳي ٿي، جڏهن ته ڏکڻ ۾ دادو ۽ ڄام شورور ضلعا آهن. هن ضلعي جو تاريخ ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي، ڇوته دنيا جو پنج هزار سال پراڻو شھر موهن جو دڙو لاڙڪاڻي شھر کان 28 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. جنھن کي دنيا جي تاريخ ۾ هڪ سڌريل ۽ تھذيب يافته شھر لکيو وڃي ٿو. موهن جو دڙو سنڌو نديءَ جي ساڄي ڪپ تي 6 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. 2017ع ۾ ٿيل آدمشماري ۾ انگن اکرن موجب هن شھر جي آدمشماري 5 لکن تي لڳ ڀڳ آهي.هن شھر جو پُراڻو نالو ’چانڊڪا’ هو، جنھن بابت چچ نامي مان معلوم ٿئي ٿو ته راءِ گهراڻي جي دور ۾ هن علائقي کي ’ٻُڌيه‘ سڏيو ويندو هو، جنھن ۾ موجوده لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد ضلعا ۽ بلوچستان جو ڪڇي ناڙي وارو علائقو شمار ڪيا ويندا هئا. سمي حڪمران ڄام نظام الدين جي زماني ۾ ڪجهه وقت لاءِ ارغونن سبي تي قبضو ڪيو ۽ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي. انھن جي يلغار کي روڪڻ لاءِ هن علائقي جي چانڊين ڄام نندي جي وزير دريا خان جي مدد ڪندي ارغونن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. ان عيوض ڄام نندي طرفان چانڊين کي جاگير ملي، جنھنڪري هن علائقي جو نالو ’چانڊڪا‘ مشھور ٿيو.مشھور تاريختحفة الڪرام‘ ۾ لاڙڪاڻي جو ذڪر آيو آهي، پر اُن ۾ به اهو ڄاڻايل نه آهي ته هي شھر ڪنھن آباد ڪيو. ان کانپوءِ جي تاريخن جھڙوڪ: ’تاريخ تازه نوائي معارڪ‘، ’لبِ تاريخ سنڌ‘ ۽ انگريز سياحن جي سفرنامن ۾ به هن شھر جو نالو ملي ٿو. البت ڪلھوڙا دور کان اڳ جي تاريخ جھڙوڪ: ’چچ نامه‘، ’آئين اَڪبري‘، ’تاريخ معصومي‘ ۽ ’تاريخ مظھر شاهجھاني‘ ۾ هن شھر جو ذڪر نٿو ملي. ان مان ظاهر آهي ته لاڙڪاڻو شھر ڪلھوڙن جي دور ۾ پنھنجي سياسي، ثقافتي ۽ اقتصادي اهميت سان نمايان ٿيو. ٿي سگهي ٿو ته اڳ ۾ هي شھر موجود نه هو، جي هو ته ننڍي وستي، وسندي يا ڪا مياڻي هجي، جنھن کي ڪا اهميت حاصل نه هئي.هن علائقي ۾ تاريخ کان اڳ يا تاريخ جي زماني جا ڪيترائي عاليشان شھر موجود هئا، جيڪي سنڌ جي خوشحالي ۽ سھڻي سڀيتا جي ساک ڀرين ٿا. هڪ رَوايت موجب لاڙڪاڻو شھر لاڙڪ قوم ٻَڌايو هو. ميان نور محمد ڪلھوڙي جي دور ۾ لاڙڪاڻي ۾ آبپاشي جو نظام قائم ٿيو ۽ زراعت کي ترقي ملي، نه فقط ايترو پر لاڙڪاڻي کي بندر جي حيثيت پڻ حاصل هئي ۽ اهو تجارت جو مرڪز بڻيو. جنھنڪري صنعت ۽ حرفت ترقي ڪئي ۽ خوشحالي آئي. ڪلھوڙن جي زماني ۾ گهاڙ واهه کي نئين سر کوٽائي آبپاشيءَ جي ذريعن کي بھتر ڪيو ويو. بعد ۾ ڪلھوڙن آبپاشيءَ جي ذريعن کي وڌايو ۽ سـُڌاريو. ميان نور محمد ڪلھوڙي جي ڏينھن ۾ گهاڙ کي وري سڌاريو ويو ۽ ان مان نوان واهه ڪڍيا ويا. جھڙوڪ: نور واهه، شاهه جي ڪور (شاهه بھاري جي نالي پٺيان) ڏاتي جي ڪور، وغيره. گهاڙ واهه کانسواءِ لاڙڪاڻي جي ڀرسان نارو به وهندو هو. رتيديري وٽان وري سکر واهه وهندو هو، جنھنڪري لاڙڪاڻي واري علائقي ۾ پاڻي جهجهو هو. ساريون ۽ ٻيا فصل ٿيندا هئا، انگريزن جي اوائلي دور تائين لاڙڪاڻو اناج جو تمام وڏو مرڪز هو. لاڙڪاڻي جي ’جائيلس بازار‘ ۾ اناج جا 370 دڪان هئا.بيھڪ جي لحاظ کان لاڙڪاڻي کي اهم حيثيت حاصل هئي. بولان لڪ کان واپاري قافلا، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي کان ايندا هئا. انھن ڏينھن ۾ گهاڙ واهه، آبپاشيءَ کانسواءِ دريائي آمدرفت جو پڻ اهم ذريعو هو. لاڙڪاڻي وٽ گهاڙ واهه تي وڏو بندر هو، جتي سدائين ٻيڙا بيٺا هوندا هئا. واپاري ٻيڙا گهاڙ واهه ذريعي سنڌو درياهه تائين ايندا هئا ۽ پوءِ هيٺ حيدرآباد ۽ ٺٽي تائين ۽ مٿي سکر، ملتان ۽ لاهور تائين ويندا هئا. اناج کانسواءِ هتي ڍورن جو چارو به تمام گهڻو ٿيندو هو، جنھن ڪري کير مکڻ تمام گهڻو هو. مکڻ ايترو هوندو هو، جو ٻيڙيون مکڻ سان ڀري، حيدرآباد نيون وينديون هيون.گهاڙ واهه جي ڪري لاڙڪاڻي جي چوڌاري گهڻا باغ هئا، جتي ميويدار وڻ جهڙوڪ: انب، زيتون ۽ کجور وغيره هئا. اهڙي سرسبزيءَ ۽ شادابيءَ ڪري لاڙڪاڻي کي ”سنڌ جو عدن“ سڏيو ويندو هو. لاڙڪاڻي جا ماڻهو خوشحال هئا ۽ نفاست، لطافت، رنگينيءَ ۽ رعنائي لاڙڪاڻي جون خاص خوبيون هيون. ان ڪري ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ ۽ ”هجئي ناڻو ته گهُم لاڙڪاڻو“ چوڻيون مشھور ٿيون. صنعت ۽ حرفت جي لحاظ کان به لاڙڪاڻي جو وڏو ناماچار هو. هتي سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙو وڏي تعداد ۾ نھايت عمدو ٺھندو هو. هتي جو ڪپڙو نه فقط سنڌ جي مختلف شھرن ڏانھن ويندو هو، پر ڏيساور ۾ به گهڻو مشھور هو، نه فقط ايترو پر هتي ڪٽ جا ٿانوَ تمام سٺا ٺھندا هئا جيڪي پري پري تائين ويندا هئا. هتي ڪاغذ به ٺھندو هو. اَنگريزن کان اَڳ مير مراد علي خان ٽالپر جي دؤر (1239هه/1823ع) ۾ نواب ولي محمد خان لاڙڪاڻي جو نائب هو. هن لاڙڪاڻي ۾ رهي، علائقي جي زراعت، تجارت، آبپاشي، صنعت ۽ حرفت کي زور وٺايو. هن نھايت سھڻي نموني انتظام سنڀاليو ۽ امن امان بحال رکيو. 1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ ٽالپرن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو. انتظامي لحاظ کان انگريزن سنڌ ِکي ٽن ضلعن ۾ ورهايو: شڪارپور، حيدرآباد ۽ ڪراچي. لاڙڪاڻي وارو علائقو شڪارپور ضلعي جو حصو هو. 1884ع ۾ تجر باغ واري عمارت ”تجر“ ۾ انگريز ڪليڪٽر جائيلس جي نالي پٺيان لائبرري قائم ڪئي وئي، جنھن تي ”جائيلس لائبرري“ نالو رکيو ويو. پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ به اها لائبرري ساڳي عمارت ۾ هلندي رهي. باغ ۾ ٽائون هال ٺھڻ کانپوءِ لائبرري ٽائون هال جي عمارت ۾ آندي وئي. جڏهن ٽائون هال ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر قائم ڪيو ويو، ته هن لائبرري کي ’نيشنل سينٽر لائبرري‘ جو نالو ڏنو ويو، هيءَ لائبرري ميونسپل ڪميٽي لاڙڪاڻو هلائيندي هئي.پھرين آگسٽ 1901ع تي لاڙڪاڻو ضلعو قائم ٿيو، جنھن ۾ موجوده لاڙڪاڻي ضلعي کان سواءِ موجوده دادو ضلعي جو سيوهڻ تائين وارو حصو پڻ شامل آهي. لاڙڪاڻي ضلعي قائم ٿيڻ وقت شھداد ڪوٽ وارو حصو جيڪب آباد کان ڪٽي شھداد ڪوٽ تعلقو ٺاهي، ان کي به لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو. 1930ع ۾ دادو کي ضلعي جو درجو مليو ته سيوهڻ تائين وارو علائقو ان ۾ شامل ٿيو ۽ بعد ۾ 2005ع ۾ جڏهن قنبر-شھدادڪوٽ ضلعو قائم ٿيو ته شھدادڪوٽ، قنبر، ميروخان ۽ وارهه جي الڳ ٿيڻ بعد لاڙڪاڻي ضلعي موجوده صورت اختيار ڪئي.انگريزن جي دؤر ۾ لاڙڪاڻي کي ضلعي جو درجو مِلڻ کانپوءِ ان جو پھريون ڊپٽي ڪليڪٽر مسٽر ٽوپر 'Toper' هو، جيڪو ميونسپالٽيءَ جو پھريون صدر مقرر ٿيو. سر شاهنواز ڀٽو 1921ع کان 1933ع تائين لاڳيتو لاڙڪاڻي ضلعي لوڪلبورڊ جو پھريون چُونڊيل صدررهيو. اُن کانپوءِ خانبھادر ڪريم بخش خان کھاوڙ لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو چيئرمين، صدر ۽ نائب صدر ٿيو. 18 آڪٽوبر 1938ع تي جڏهن قائداعظم محمد علي جناح لاڙڪاڻي ۾ آيو ته ان وقت نبي بخش خان ڀٽو ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو صدر ۽ ڪريم بخش خان کھاوڙ نائب صدر هئا.
هن وقت لاڙڪاڻي ضلعي ۾ لاڙڪاڻو، ڏوڪري، باقراڻي ۽ رتوديرو تعلقا شامل آهن، جڏهن ته اَڳ قنبر، شھدادڪوٽ، وارهه ۽ ميروخان تعلقا به لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شامل هوندا هئا، پر ضلعو قنبر - شھدادڪوٽ ٺھڻ کانپوءِ 4 تعلقا نئين ضلعي ۾ شام ڪيا ويا. چانڊيا، ڀٽا، کھاوڙ، کھڙا، موريا، سومرا، ڪلھوڙا، ٻگهيا، اسراڻ، جوڻيجا، ماهوٽا، شيخ، ابڙا، ڪانڌڙا ۽ ٻين ذاتين جا ماڻهو صدين کان وٺي هتي آباد آهن. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو واهپو گهڻو آهي، جڏهن ته براهوي، اُردو، بلوچي ۽ سرائڪي ٻوليون به ڳالهايون وڃن ٿيون. لاڙڪاڻي شھر جي ڀر ۾ ’ماهوٽا‘ ڳوٺ ۽ اِسٽيشن اَڄ به واقع آهي، جنھن بابت ماضيءَ جي پُراڻن ورقن مان معلوم ٿئي ٿو ته هتي ڪنھن زماني ۾ هڪ وڏو بندرگاهه هو، جتي سڪندرِاَعظم پڻ آيو هو.ورهاڱي کانپوءِ ملڪي سياسي ميدان ۾ به هن شھر سان وابسته شخصيتن جو وڏو حِصو رهيو آهي. لاڙڪاڻي جا سياستدان ملڪ توڙي سنڌ سطح جي اَهم عھدن تي رهيا آهن، جن ۾ خانبھادر محمد اَيوب کھڙو (ورهاڱي بعد سنڌ جو پھريون وڏو وزير)، شھيد ذوالفقار علي ڀُٽو (صدرِ مملڪت، وزيرِخارجه، چيف مارشلا ايڊمسنٽريٽر ۽ پھريون چُونڊيل وزيرِاَعظم)، شھيد راڻي محترمه بينظير ڀُٽو (ٻه ڀيرا چُونڊيل وزيراَعظم)، سيد ديدار حُسين شاهه (چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ چيئرمين نيب)، سردار ممتاز علي خان ڀُٽو (سنڌ جو گورنر، چُونڊيل ۽ نگران وڏو وزير)، نثار احمد کھڙو (صوبائي وزيرِ تعليم ۽ سنڌ اِسيمبليءَ جو اِسپيڪر)، حميده کھڙو (صوبائي وزير تعليم)، محمد اَياز سومرو (صوبائي وزيرِ قانون) وغيره جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. لاڙڪاڻي جي اديبن ۽ صحافين، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي سلسلي ۾ اهم خدمتون انجام ڏنيون آهن. 1915ع ۾ ”بزم مشاعره“ لاڙڪاڻي جو قيام عمل ۾ آيو. 1939ع ۾ ’سنڌ سڌار سوسائٽي‘ جو بنياد پيو. هن سوسائٽي جي طرفان 1941ع ۾ ماهوار ”اديب سنڌجاري ڪيو ويو، جنھن ٻولي ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي.موجوده دؤر ۾ تعليمي حوالي سان لاڙڪاڻي ۾ مھارت واري تعليم ۾ سڀ کان وڏو تعليمي ادارو ’شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي‘ آھي، جيڪو اِدارو شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت کان اڳ ’چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج‘ جي نالي سان سڏبو ھو. ان کان علاوه ’قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھه‘، ’سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو‘ ۽ ’شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور‘ جا ڪيمپس، ’ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو‘ (هي اِدارو لاڙڪاڻي کان 28 ڪلوميٽر پري ’موهن جي دڙي‘ جي ڀرسان واقع آهي)، ’گورنمينٽ ايگريڪلچر ڪاليج ڏوڪري‘، ’پوليٽيڪنيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو‘، ’پوليس ٽريننگ اسڪول‘، ’ٽيچرز ٽريننگ ڪاليج‘، ’نرسنگ اسڪول‘، ’وومينز ٽيچنگ اينڊ ٽريننگ اسڪول‘، ’پيراميڊڪ اسڪول لاڙڪاڻو‘، ’گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو‘، ’پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻو‘، ’گورنمينٽ پائلٽ هاير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو‘، ’گورنمينٽ ميونسپل ڪاليج لاڙڪاڻو‘، ’گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو‘، ’زيبسٽ لاڙڪاڻو‘ شھر جي معياري ۽ اعلى تعليمي اِدارن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. اُن کان علاوه لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ’بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن‘ به موجود آھي لاڙڪاڻي جي وڏين اسپتالن ۾ ’شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي’ (ٽيچنگ اِسپتال)، ’سول اسپتال لاڙڪاڻو‘، ’چانڊڪا اکين جي اسپتال‘، ’نيشنل اِنسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊزيزز‘ (NICVD) سيٽلائيٽ سينٽر لاڙڪاڻو‘، ’SIUT لاڙڪاڻو سينٽر‘، ’شيخ زائد اسپتال‘ ۽ ٻيون اسپتالون شامل آهن. لاڙڪاڻي شھر ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي سرڪٽ ڪورٽ ڪم ڪري رهي آهي، لاڙڪاڻي ضلعي جا ھاءِ ڪورٽ وارا ڪيس لاڙڪاڻي واري رجسٽري ۾ داخل ٿيندا آهن. ضلعي عدالتن جي نظام ۾ ھتي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت لاڙڪاڻي شھر ۾ واقع آهي، جنھن سان گڏ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن جون 8 عدالتون قائم آھن، اھي عدالتون ساڳي وقت ننڍين عدالتن جو اپيلون پڻ ٻڌنديون آھن. لاڙڪاڻي شھر ۾ ڪنزيومر ڪورٽ، بينڪنگ ڪورٽ، ليبر ڪورٽ، ايٽي ٽيررزم ايڪٽ ڪورٽ، اينٽي ٽيررزم ڪورٽ پڻ ڪم ڪن ٿيون. ضلعي اندر وڪيلن جي ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ضلعي بار ايسوسيئيشن پڻ قائم آهي جيڪا سنڌ بار ڪائونسل جي نگراني ۾ ڪم ڪري ٿي. لاڙڪاڻي جي اَهم سرڪاري اِدارن ۾ ’ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو‘ ، ’سَر شاهنواز ڀُٽو ميموريل لائبريري‘، ’آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان‘ شمار ڪري سگهجن ٿا، جڏهن ته خانگي علمي، اَدبي توڙي صنعتي اِدارن ۾: ’گل حيات اِنيسٽيٽيوٽ‘، ’نياز اَڪيڊمي‘، ’سچل اَدبي مرڪز‘، ’سنڌڙي ڪتابي سلسلو‘، ’سَر شاهنواز ڀُٽو شگر مل‘، ’سمبارا پبليڪيشن، لاڙڪاڻو‘، ’بزمِ سچل، لاڙڪاڻو‘، ’عبدالحئي قاضي ميموريل لٽريري سوسائٽي‘ ۽ ٻيا شامل آهن.
ماضيءَ کان وٺي حال تائين لاڙڪاڻي جي اَدبي شخصيت سنڌ توڙي هند ۾ ناماچاري ماڻي آهي، اُنھن ۾ عثمان فقير سانگي، فقير نانڪ يوسف، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، هري دلگير، هوند راج دُکايل، ڪشنچند ’بيوس‘، پروفيسر رام پنجواڻي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، غمدل فقير، ڊاڪٽر اَياز قادري، هري موٽواڻي، لقمان حڪيم، صوفي وريل فقير، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سام جئسنگهاڻي، ڊاڪٽر سَرلا ديوي، مولانا نذير احمد جتوئي، مرتضى اعظم عباسي، سرڪش سنڌي، اَياز جاني، مقصود گل، جواد جعفري، ڊاڪٽر اَحسان دانش، اَنيس انصاري، اِشتياق اَنصاري، شبنم گل، اسحاق اَنصاري، قاضي عبدالحئي قائل، ڊاڪٽر قاضي منظر حيات، عبدالغفار ’تبسم‘ ۽ ٻين جا نالا ڳڻائي سگهن ٿا، جڏهن ثقافت، راڳ ۽ موسيقي جي ميدان ۾ سنڌ جي هن خطي مان عابده پروين، اُستاد گلزار علي خان، مٺو ڪلھوڙو، ماسٽر ميھر علي، اُستاد اَنور علي سانگي، مريد عباس ڪٽبر، غلام شبير سمون، فقير منور علي اَبڙو، سيد صدرالدين شاهه، ديدار حُسين سمون، ماسٽر فتح علي، ماسٽر منظور، الطاف سمون، نذير سمون، سليم رضا ڪنڀر ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن پاڻ ملهايو آهي.


لفظ لاڙڪاڻو شھرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو