لاکا

لاکا: لاکو سماٽ قبيلن مان اوائلي ذات آهي. ڪن تاريخن موجب عيسوي صديءَ جي شروعات ۾ لاکو ذات سنڌ ۾ موجود هئي، جنھنڪري سنڌي نسب نامن ۾ ڪن جا نالا لاکيا ۽ لاکو نظر آيا آهن. لاکو هڪ صفاتي نالو آهي، جيڪو ڪنھن خاص سبب جي ڪري ان تي رکيو ويو.
چچ پٽ سيلائج برهمڻ جڏهن راءِ سھاسيءَ کان پوءِ سنڌ جو راجا بڻيو ته هن سنڌي قبيلن کي هٿ ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ جو دورو ڪيو. انهيءَ سلسلي ۾ چچ نامي ۾ ٻيھر لاکن جو ذڪر هيئن اچي ٿو. ”جڏهن سيوهڻ جي مھم پوري ٿي، تڏهن برهمڻ آباد واري لوهاڻي جي بادشاهه، اگهم يعني لاکن، سمن ۽ سھتن جي حاڪم ڏانھن فرمان موڪلي کانئن پنھنجي تابعداري جي گهر ڪئي.“ چچ نامي جي هن بيان مان اهو معلوم ٿيو ته لاکا انهيءَ علائقي جا قديم ترين باشندا هئا. اهڙيءَ طرح جڏهن سنڌ تي عرب مڪمل طرح سان قابض ٿي ويا ته محمد بن قاسم لاکا ۽ سمن واري ايراضي لوهاڻي جي جتن بابت معلومات ورتي. چچ نامي جي بيان مان ظاهر آهي 712ع کان به اڳ لاکا ذات وارا انهيءَ ايراضيءَ ۾ رهندا هئا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، چچ نامي جي فوٽ نوٽ ۾ لکيو آهي ته ”اسان سمن ۽ لاکن جي ٻن قومن (ذاتين) جي اڄوڪين رهڻ جي جاين کي خيال ۾ رکي هي نتيجو ڪڍي سگهون ٿا سما ڏکڻ واري حصي ۾ رهندا هئا ۽ لاکا شھدادپور تعلقي واري ايراضي، جتي اڃا تائين انهيءَ ٽڪر کي ’لاکاٽ‘ چئجي ٿو. هي پرڳڻو موجوده شھدادپور، سنجهورو ۽ هالا تعلقن واري ايراضي تي مشتمل هو.“ لاکا سنڌ ۾ لاڙڪاڻو، قمبر، ڄامشورو، دادو، نوشھرو فيروز، گهوٽڪي، نوابشاهه، سکر، ميرپور خاص، خيرپور، حيدرآباد، مٽياري ۽ ٻين ضلعن ۾ رهن ٿا.


لفظ لاکاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو