لاکاٽ ٻيلو: هي ٻيلو سيوهڻ ۾ درياهه جي کاٻي پاسي نواب ولي محمد خان لغاريءَ جي جاگير کان ڏکڻ طرف آهي، لاکاٽ ٻيلو آڳاٽي دؤر ۾ لاکاٽ پرڳڻي ۾ هو. جتي سمن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دؤر حڪومت ۾ سميجا انڙ وڏي تعداد ۾ آباد هئا. 326 ق. م ۾ جڏهن سڪندر يوناني سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن هن خطي تي سامبس جي حڪمراني هئي، سامبس ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ هئا، هنن سڪندر يونانيءَ جي فوج سان وڏي ويڙهه ڪئي پر شڪست کان پوءِ هي لڪيءَ جي جبلن ۾ وڃي لڪي ويٺا، جتان هنن وري گوريلا ويڙهه شروع ڪئي، جنھن کان پوءِ سڪندر يوناني ۽ سامبس جي وچ ۾ ٺاهه ٿيو ۽ سڪندر يوناني کيس هن پرڳڻي جو حاڪم مقرر ڪيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ سڪندر هن کي قتل ڪرائي ڇڏيو. آڳاٽي دؤر ۾ لاکاٽ وارو خطو لوهاڻا پرڳڻي ۾ شامل هو. لوهاڻا پرڳڻو تمام وڏو هو ۽ هن پرڳڻي ۾ پراڻو نوابشاهه ضلعو، هالا، شھدادپور ۽ سنجهورو تعلقا هئا.