لاکو ڦـلاڻي: لاکو ڦُلاڻي، ســنـڌ جـو نامور سـورمـو ٿي گـذريو آهي. شاهه لطيف کيس سُر ڏهر ۾ خوب ساراهيو آهي ۽ سنڌ جي سگهڙن لاکي ڦلاڻيءَ کي ’ستن سورهين‘ ۽ ’ڏهن ڏاتارن‘ ۾ شمار ڪيو آهي. لاکو ڦلاڻي ڪڇ جي ڀُڄ واري علائقي جي مشھور سمي سردار ’ڄام ڦل‘ جو پٽ هو. سندس ماءُ جو نالو سونل ٻائي هو. لاکي ڦلاڻيءَ جي رهائش وارو هنڌ ’شيخاڻي گهاڙي‘، شڪور ڍنڍ کان ڏهاڪو ميلن جي پنڌ تي آهي. هيءَ ڍنڍ 120 چورس ميلن ۾ پکڙيل آهي ۽ پراڻي وقت ۾ ساڱرو ڍنڍ، ريڻ ندي ۽ پراڻ هن ڍنڍ ۾ وهندا هئا. تاريخي ماخذن موجب لاکو ڦلاڻي ڪڇ جي راءِ همير جو همعصر هو ۽ جاڙيجي حاڪم راءِ کنگهار جي دور ۾ ٿي گذريو آهي. جيڪو سَڱ ۾ سندس مامو به ٿيو ٿئي. ڄام لاکو اڳتي هلي ’لوڙائو‘ (لوڙون هڻندڙ) بڻيو. ان بابت سگهڙن جي روايت آهي ته راءِ کنگهار هڪ مالدار ريٻارڻ تي عاشق هو، جنھن جي ڪري ريٻارين جو من وڌيل هو. هڪ ڀيري هنن ڄام لاکي جا خاص ماڻهو ’جسو‘ ۽ ’جسراج‘ ماري وڌا. راءِ کنگهار انصاف ڪرڻ بدران ڄام لاکي کي ئي ڏوهي قرار ڏنو، جنھن تي ڄام لاکو/ لوڙائو ۽ هاڻو بڻجي پيو. ريٻارين ۽ راءِ کنگهار جاڙيجي خلاف لوڙيون/ ڌاڙا هڻڻ شروع ڪيائين. ڄام لاکي اها روش، پنھنجي پيءُ ڦل جي وفات کان پوءِ تبديل ڪئي ۽ پنھنجو راڄ سنڀالي اعلان ڪيائين ته آءٌ ’لاکو لوڙائو‘، نه پر ’لاکو ڦلاڻي‘ آهيان. هاڻي ڌاڙا نه هڻندس. شاهه لطيف به لاکي جي ان ڪردار کي ڳايو آهي:
لاکا لک سُجهن، ڦلاڻيءَ ڦيرُ ٻيو
جھن ڀر راڻا، راڄيا، ڪوٽن- ڌڻي ڪنبن،
جنھن جو جاڙيجن، ستي سنچو نه لھي.
لاکو ڦلاڻي ريٻارين جي ڏاڍ ۽ راءِ کنگهار جي نا انصافين ڪري لوڙائو ضرور ٿيو، پر انتھائي سخي پرور انسان هو. هن ٻه شاديون ڪيون. هڪ مھراڻي جي مھر راڻيءَ سان ۽ ٻي هڪ غريب اوڏڻ سان. لاکي ۽ مھر راڻيءَ جي شاديءَ ۾ سندس سخاوت بي مثال رهي. قصو هن ريت آهي ته: مھراڻي جي سمي صاحبزادي ’مھر راڻي‘ جنھن جو هڪ چوڙيگر سوداگر سان عشق هو، پر هن جي پيءُ اها ڳالهه نه مڃي ۽ لاکي سان کيس شاديءَ جو چيو ته مھر راڻيءَ ڏکيا شرط رکيا. پر لاکي پنھنجي وزير جي صلاح ۽ ڏاهپ سان سي سڀ شرط پورا ڪيا. ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ لاکي کي جڏهن خبر پئي ته مھر راڻيءَ جو اصل ڪنھن ٻئي سان عشق هو، ته پوءِ لاکي جي مھر راڻيءَ تان دل کڄي وئي ۽ جيڪو مڱڻھار مھر راڻيءَ سان گڏجي آيو هو، سو جڏهن موڪلائڻ لڳو ته لاکي پنھنجي سخاوت جي اصول موجب چيس ته، ’گُهر جيڪي گُهرڻو هجئي.‘ مڱڻھار مھر راڻيءَ جي ٻانھن گهري ته لاکي بنا ڪجهه سوچڻ جي مھر راڻيءَ مڱڻھار جي حوالي ڪري ڇڏي.
ان کان پوءِ لاکي ٻي شادي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو، پر جڏهن سندن ڪوٽ جي ڪم لاءِ اوڏ پورهيت آيا ته انهن ۾ هڪ ڇوڪري کيس وڻي وئي ۽ ان جي وارثن کان سڱ گهري، هرمتئي اوڏ جي ان ڌيءَ سان شادي ڪري ڇڏيائين. شاهه سائين به اوڏ کي ڳايو آهي:
لاکا لک هئا، ڦلاڻيءَ ڦيرُ پئو،
آجا اوڏ ٿيا، پلئه لڳي جن جي.
لاکي جو ريٻارين سان تڪرار ته پراڻو هو ۽ ريٻاري به پنھنجين حرڪتن کان نه پئي مُڙيا، سو لاکو هڪ ڀيرو ٻيھر لوڙائو ٿيو ۽ وڃي ريٻارين سان جنگ جوٽيائين. ريٻاري جنگ ۾ سوڀارا ته ڪونه ٿيا پر پوءِ سندس چرچ تي لاکي ڦلاڻيءَ سندس مامي راءِ کنگهار کي ٺاهه لاءِ گهرائي سندس ڌڙ سسيءَ کان ڌار ڪري ڇڏيو. شاهه سائينءَ سُر ڏهر ۾ سندس گهڻي ساراهه ڪئي آهي.
لکي ۽ لاکو، ٻيئي مئا ٻاجهه ٿي. (شاهه)