لاکين جو دڙو

لاکين جو دڙو: ڳوٺاڻي ۽ شھري ثقافت سان واسطو رکندڙ هزارين سال آڳاٽو هڪ قديم شھر، جيڪو هينئر هڪ دڙي جي صورت ۾ موجود آهي. هيءُ دڙو سکر شھر جي سائيٽ واري علائقي مان 1988ع ۾ دريافت ٿيو. شروع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي قديم آثارن جي شعبي جي استاد پروفيسر غلام مصطفى شر جي نگرانيءَ ۾ هن دڙي جي ابتدائي کوٽائي ڪئي وئي. جنھن کان پوءِ 1994ع کان 2006ع جي وچ ۾ به کوٽايون ڪيون ويون.
1994ع ۾ فيڊرل آرڪيالاجي ۽ ميوزم کاتي جي ٽيم سان گڏ لطيف يونيورسٽي جي آرڪيالاجي شعبي جي استاد پروفيسر ڊاڪٽر نيلوفر شيخ ۽ پروفيسر غلام محي الدين سان گڏجي هڪ مھيني تائين لاکين جي دڙي جي کوٽائي ڪئي، ته اتان مھرون، تور ماپ جا وٽ، چاڪو وغيره مليا. کوٽائيءَ بعد نظر آيل اڏاوتن جو نمونو موهن جي دڙي وارو نظر آيو ۽ اوساريءَ ۾ ڪتب آندل سرون به موهن جي دڙي جي اڏاوت ۾ ڪتب آندل سرن جھڙيون مليون. لاکين جي دڙي ۾ به مُوهن جي دڙي وانگر ناليون ڍڪيل مليون. 2009ع ۾ ثقافت کاتي جي سھڪار سان ٿيل کوٽائيءَ مان وڌيڪ ثابتيون مليون. ماهرن موجب هيءُ قديم ماڳ بلوچستان مان مليل ڳوٺاڻي ثقافت جي قديم ماڳ مھرڳڙهه جي زماني جو آهي. هيءُ ماڳ 9 هزار سال آڳاٽو يعني 7 هزار سال ق م جي دور جو آهي. پکيڙ جي لحاظ کان به هيءُ هڪ وڏو قديم شھر آهي. هيءُ قديم ماڳ 9 تھن تي ٻڌل آهي. هڪ ٻئي هيٺيان 9 شھر دفن ٿيل آهن. هيءَ آبادي اتان جي رهواسين تباهه ٿيڻ بعد 9 ڀيرا ٻيھر اڏي، اتي پنھنجي رهائش اختيار ڪئي. هن ماڳ جي هر تھه جي اوچائي ڏيڍ کان ٻه ميٽر آهي. ماهرن موجب هيٺئين تھه جي آبادي پٿر واري دؤر سان واسطو رکي ٿي. جڏهن ته وچون تھه ڳوٺاڻي ثقافت سان واسطو رکندڙ يعني 9 هزار سال آڳاٽو آهي. مٿئين تھه جا آثار مشھور شھري تمدن موهن جي دڙي جي دور جا آهن. لاکين جي دڙي جي قديم آثارن مان مور جي شڪلين وارا رنگ ڪيل مٽڪا، چٽ ٺاهيل مٽيءَ جون سرون، مٽيءَ جون ٺھيل چوڙيون، ننڍا گول مٽڪا، رانديڪا ۽ ٻيون شيون مليون آهن. کوٽائيءَ دوران ڪجهه هڏا به مليا آهن. هتي شيشي ٺاهڻ جي ڪارخاني جا آثار به مليا آهن. هتان لکتن جا ڪجهه نمونا به مليا آهن، جيڪي تصويري رسم الخط ۾ آهن. دڙي جي کوٽائيءَ مان معلوم ٿيو ته هي دڙو، موهن جي دڙي واري دور جو آهي.


لفظ لاکين جو دڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو