لاکڙا ڪول پاور پلانٽ

لاکڙا ڪول پاور پلانٽ

لاکڙا ڪول پاور پلانٽ

لاکڙا ڪول پاور پلانٽ: هيءُ، ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ جو واحد ادارو آهي، جيڪو حيدرآباد کان 60 ڪلوميٽر جي فاصلي تي، کاڻوٺ تعلقي، ضلعي ڄام شوري ۾ واقع آهي. سرڪاري سطح تي هي پھريون ۽ اڪيلو ادارو آهي، جيڪو ڪوئلي مان وڏي تعداد ۾ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي ۽ هن اداري ۾ پاور پلانٽ جا مختلف يونٽ قائم ڪيل آهن.
هن اداري جو قيام 1995ع ۾ عمل ۾ آيو. لاکڙا پاور ڪامپليڪس ٽن يونٽن تي مشتمل آهي، جن مان هر هڪ جي پيداواري صلاحيت 50 ميگا واٽ آهي. اهي ٽيئي يونٽ جديد F.B.C ٽيڪنالاجي تي آڌاريل آهن، جيڪي لگنائٽ ڪوئلي (ماحول دوست ڪوئلو) ۽ چُن کي ٻاري بجلي پيدا ڪن ٿا. هن پاور پلانٽ جو ٽيون يونٽ 2009ع کان غير فعال رهيو، تنھن کان پوءِ يونٽ هڪ ۽ ٻه، 30 ميگاواٽ بجلي پيداوار ڪري رهيا هئا، سي به هاڻي بند ٿي چڪا آهن. هي ادارو، ’لاکڙا پاور جنريشن ڪمپني لميٽيڊ‘ جي نالي سان جينڪو (VI O-IV' GENC) جنريشن ڪمپني جي ماتحت ڪم ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو