لاڳ ڏيڻ

لاڳ ڏيڻ (رسم): هيءُ آڳاٽي رسم سنڌ جي سڀني علائقن ۾ ٿوري ڦير گهير سان اڄ به موجود آهي. هن رسم ۾ گهوٽيتن طرفان شاديءَ جي خوشيءَ ۾ گهور طور مڱڻھار کي پئسا ڏنا ويندا آهن. لاڳ جي گهور وٺڻ لاءِ ڪٿي ڪٿي کدڙا فقير به اچي نڪرندا آهن ۽ ڳائي وڄائي گهور وٺندا آهن. ان کان سواءِ ميگهواڙ، جنھن جُتي جوڙي هوندي، جنھن ڪنڀار ٺڪر جا ٿانوَ موجود ڪري ڏنا هوندا، سي به اُجوري بجاءِ لاڳ وٺن، ڪن علائقن ۾ مڱڻھار، حجام، ميگهواڙ ۽ ڪنڀر کي راشن، ڪپڙا ۽ اوڍاڻي طور اجرڪ ڏين. ڪي سرنديءَ وارا ماڻهو کير پيئڻ لاءِ رڍ يا ٻڪري پڻ ڏين. لاڳ جي ادائگي ڪاڄ جي پُڄاڻي تي ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو