لاڻي لاڻو

لاڻي/لاڻو (ٻوٽو): لاڻي هڪ ننڍو ٻوٽو آهي. جن علائقن ۾ زمين ڪلراٺي يا کاري هوندي آهي، اُتي هي ٻوٽو گهڻو ٿئي ٿو. ھن جا ٻه ٽي قسم ٿين ٿا. ٻيا جانور گهٽ، پر اٺ هن ٻوٽي کي شوق سان کائيندا آهن. هن جا پن ننڍا ۽ ٽاريون به ننڍيون ٿين ٿيون. هن ٻوٽي جو رنگ سائو، پر ٿورو ڪاراڻ مائل ٿئي ٿو. ڪلراٺي زمين ۾ پيدا ٿيڻ ڪري لاڻيءَ جا پن پاڻياٺا ۽ کارا ٿين ٿا، هي لوڻ پسند يا لوڻ برداشت ڪندڙ ٻوٽا آهن، جيڪي سامونڊي ڪناري تي لوڻياٺي ڌٻڻ وارن گرم علائقن ۾ به ٿين ٿا. لاڻي جي ٻوٽن کي ساڙي ان جي رک مان ڪپڙن وغيره جي ڌوئڻ لاءِ صابڻ ۽ کار تيار ڪيو ويندو هو/آهي. هن ۾ ججهي کار (Alkali) هجڻ ڪري، ان مان شيشو به ٺاهيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو