
لجپتراءِ مظلوم
لجپتراءِ مظلوم: لجپتراءِ 12 جنوري 1973ع تي نيو ڇور ۾ تاراچند جي گهر ۾ جنم ورتو. هن 1989ع ۾ ٻاراڻي ادب کان لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس شروعاتي لکڻيون ’گل ڦل‘ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيون. لجپت 1994ع کان صحافت سان لاڳاپيل آهي ۽ ڪيترن سالن کان روزاني ’هلال پاڪستان‘ جو نيوز ايڊيٽر آهي. گڏوگڏ هلال پاڪستان جو ادبي صفحو پڻ سنڀاليندو اچي. ڪراچيءَ ۾ رهندي هن، ’ماڪ‘، ’کيت‘ ۽ ’ولھار‘ جي نالن سان ادبي رسالا پڻ جاري ڪيا. پاڻ ڪالم نويس ۽ شاعر به آهي. سندس شاعريءَ جو پھريون مجموعو ’لھرون گيت ڳائن ٿيون‘ سال 2017 ۾ ڇپجي چڪو آهي.
1973.01.12 عيسوي
لجپتراءِ 12 جنوري 1973ع تي نيو ڇور ۾ تاراچند جي گهر ۾ جنم ورتو.