لُسو فقير ڪاڪڙو: هي بزرگ ولھار جي درويش ’ڳاڙهي صدر اوٺي‘ جو همعصر هو، جيڪو ستين صدي هجريءَ جو ٻُڌايو وڃي ٿو. مقامي ماڻهو هن بزرگ کي ’درويش لُسو فقير‘ جي نالي سان سَڏين ٿا. روايت آهي ته هي فقير جڏهن ’درويش ڳاڙهي صدر اوٺي‘ سان مِلڻ ويندو هو ته شينھن تي سوار ٿي ويندو هو، جنھن بابت سيد عبدالقادرٺٽوي پنھنجي تاليف ’حديقة الاولياءَ‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته: ”هڪ ڏينھن درويش لُسو فقير شينھن تي سَوار ٿي درويش ڳاڙهي صدر اوٺي سان مِلڻ آيو ته اُن وقت درويش ڳاڙهي صدر اوٺي جي اَڳيان هڪ کير پياڪ گابو ٻڌو بيٺو هو، درويش لُسو ڪاڪڙو شينھن تان لھي، اَچي درويش صدر اوٺي سان مُلاقات ڪئي ۽ چيو ته: ”اي درويش! منھنجو شينھن بُکايل َآهي، تنھنڪري هي گابو کائڻ لاءِ منھنجي شينھن جي مھمانيءَ ۾ ڏي.“ درويش صدر اوٺي جواب ڏِنو ته: ”هن گابي جي ماءُ جهنگ ۾ چَرڻ وئي آهي، واپس اَچي پنھنجي ٻَچي کي نه ڏِسندي ته پريشان ٿيندي، اُن ڪري تون اِن ڳالهه تان مُڙي وڃ!“ پر درويش لُسو فقير اِن ڳالھه تي ضد ڪري ويھي رهيو. نيٺ درويش صدر اوٺي پنھنجي خادم کي حُڪم ڏِنو ته: ”گابو ڇوڙي شينھن جي حوالي ڪيو وڃي.“ روايت ۾ آهي ته گابو جڏهن شينھن جي آڏو آيو ته شينھن، گابي کي ڏِسي وٺي ڀڳو، گابو شينھن جي پويان پيو ۽ شينھن جهنگ ۾ لِڪي اَچي جان بچائي ۽ گابو واپس اَچي درويش صدر اوٺي جي آڏو حاضر ٿيو.
لُسي فقير بابت اِها پڻ روايت مِلي ٿي ته، شاهه عبداللطيف ڀٽائي سندس مزار ڀرسان بِيٺل ڪَنڊيءَ جي وڻ هيٺان آرامي ٿيندو هو. رَوايتن ۾ آهي ته، لُسو فقير ڪاڪڙو جا درويش ڳاڙهي صدر اوٺي کانسواءِ ٻين ٽن درويشن جرڪس ڏناڻي، راجسين سومراڻي ۽ اِبراهيم نانگوراڻي سان به ويجهڙائي هئي ۽ اِهو به پتو پوي ٿو ته اِهي پنج ئي درويش حضرت غوث بھاؤالدين زڪريا مُلتانيءَ جا مُريد هئا.
موجوده چنبڙ شھر کان ٿورو اڳتي اوڀر طرف ’سنجر چانگ‘ روڊ ڀرسان هڪ قديم قبرستان ’درويش لُسو فقير‘ جي نالي سان سَڏجي ٿو، جتي هن درويش جي درگاهه پڻ موجود آهي. جيتوڻيڪ هن بزرگ جي درگاهه ويجهڙائيءَ جي تعمير ٿيل آهي، پر هي قبرستان ڪافي قديم معلوم ٿئي ٿو، جنھن جي گواهي قبرستان ۾ پکڙيل چورس سِرن مان به مِلي ٿي.