
لسٻيلو
لسٻيلو: لسٻيلو آڳاٽي زماني کان سنڌ جو حصو رهيو. 1024ع ۾ سومرن ۽ 1351ع ۾ سمن جي دور ۾ ته لسٻيلو سنڌ جو اهم ڀاڱو رهيو. سنڌ ۾ سمن جي حڪومت کان پوءِ لس ٻيلي جا ماڻهو آسودگيءَ سان رهيا ۽ سياسي طور کين اسرڻ جو موقعو مليو. لسٻيلي ۾ رونجها قبيلي جي حڪمراني رهي. رونجهن جو لاڳاپو سنڌ جي سماٽ قبيلن سان آهي. رونجهن تيرهين صديءَ جي وچ ڌاري پنھنجو راڄ قائم ڪيو، جيڪو سترهين صديءَ جي آخر ۾ پڄاڻيءَ تي پھتو. رونجهن کان پوءِ گونگها حڪومت ۾ آيا. ان کان پوءِ سمن جي برفت قبيلي هتي راڄ ڪيو. مَلڪ پاهڙ خان برفت سان تڪرار ۽ ڏڦيڙ ٿيڻ تي ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ پاهڙ خان ۾ 1117هه/1705ع ۾ ويڙهه ٿي، جنھن ۾ پاهڙ خان برفت هارايو. ان کان پوءِ وري ڪوريجا قبيلي 1742ع ڌاري پنھنجو راڄ قائم ڪيو. ڪوريجا حاڪمن ڄام جو لقب اختيار ڪيو. هن خاندان جو آخري والي 1956ع تائين پنھنجو حڪم هلائيندو رهيو. ون يونٽ ٺھڻ واري وقت تائين لسٻيلو ڪراچيءَ جي انتظام هيٺ هو. پاڪستان جي مرڪزي حڪومت 1964ع ۾ سنڌ جا ڪيترائي علائقا، جھڙوڪ جهٽ پٽ، نصير آباد، تعلقو اوستو، جعفرآباد، جهل مگسي، ڊيرا الھيار، ڊيرا مراد جمالي وغيره سنڌ مان ڪڍي، بلوچستان ۾ شامل ڪري ڇڏيا. لس ٻيلو ون يونٽ قائم ٿيڻ کان پھرين سنڌ جي شھر ڪراچيءَ جو حصو هو، پوءِ جڏهن ون يونٽ ختم ڪيو ويو. تڏهن لس ٻيلي کي واپس سنڌ جي شھر ڪراچيءَ ۾ شامل ڪرڻ جي بدران بلوچستان ۾ شامل رهڻ ڏنو ويو. قلات ڊويزن جي هن شھر کي 30 جون 1954ع تي ضلعي جو درجو ڏيئي، اُٿل شھر کي اُن جو ضلعي هيڊ ڪوارٽر بڻايو ويو. 9 تعلقن تي مشتمل هن ضلعي جي ڪل آبادي 312917 آهي. هندن جو مشھور تيرٿ هنگلاج ديوي مندر پڻ هن ضلعي جي حدن ۾ اچي ٿو، جتي هر سال هندن جو وڏو ميلو لڳندو آهي. ضلعي ۾ بلوچي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو لاسي لھجو ڳالهائيندڙ جهجهي تعداد ۾ موجود آهن. لس ٻيلي ۾ تمام سٺا سنڌي شاعر پيدا ٿيا. لس ٻيلي جي شيخ ابراهيم ۽ ڪبير شاهه جي سنڌي مشھور آهي. مشھور راڳي استاد محمد جمن جو تعلق پڻ لسٻيلي سان هو. لسٻيلي جي سنڌي شاعرن جو ڪلام، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب ’ٻيلاين جا ٻول‘ ۾ شامل آهي.