لطف ﷲ حساماڻي

لطف حساماڻي: لطف ولد خير محمد حساماڻي پليءَ جي ولادت ضلعي عمرڪوٽ جي تاريخي ڳوٺ ڳموريءَ ۾ 1904ع ۾ ٿي. لطف حساماڻي مولانا محمد عثمان قِرانيءَ جي مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ ڪجهہ وقت لاءِ عمرڪوٽ ۾ بہ پڙهيو. هن جنهن دؤر ۾ هوش سنڀاليو، ان وقت انگريزن خلاف آزاديءَ جي تحريڪ زور تي هئي. ان ڪري هن بہ انهن تحريڪن ۾ حصو ورتو. ’خاڪسار‘ تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ۽ ضلعي سالار‘ رهيو. ان کانپوءِ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ پنھنجي ڳوٺ ۾ مسلم ليگ جي شاخ قائم ڪيائين. قائداعظم سان وڏيري محمد سگهي پليءَ جي حوالي سان ملاقاتون ڪيائين. پوني ۾ قائداعظم جي استقبال ڪندڙ مسلم ليگ جي جٿي جي اڳواڻي ڪيائين. ضلعي ٿرپارڪر ۾ ’مسلم ليگ‘ جي مختلف عهدن تي رهيو. ابتدائي دؤر ۾ شاعري بہ ڪيائين، پر جلد ئي نثر ڏانهن راغب ٿيو. پنھنجي دؤر جي لڳ ڀڳ سڀني اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مضمون شايع ٿيا. سندس هڪ ڪتاب ’شينهن جو شڪار‘ هفتيوار اخبار ’همدرد‘ ميرپورخاص ۾ قسطوار شايع ٿيو. ان کان سواءِ سندس تاريخي، تحقيقي ۽ سياسي مضمونن جا ٻہ مجموعا ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ ترتيب ڏنا آهن.
لطف حساماڻيءَ سڄي ڄمار زمينداري سنڀالڻ کان سواءِ صحافت ۽ سماجي خدمتن ۾ گذاري. يونين ڪائونسل ڍوري ناري جو چيئرمئن رهيو. پنھنجي ڳوٺ ۾ مڪتب جاري ڪيائين. هفتيوار ’همدرد‘ ميرپورخاص ۽ هفتيوار ’ٿر گزيٽ‘ ميرپورخاص جو ڪجهہ وقت لاءِ اسسٽنٽ ايڊيٽر رهيو. هو وڏي عرصي تائين پريس ڪلب عمرڪوٽ جو ميمبر بہ رهيو ۽ ڍوري ناري ۾ پريس ڪلب کولڻ ۾ سندس بنيادي هٿ هو. ڪجهہ وقت سيد عطاءُ شاھہ بخاريءَ جي خدمت ۾ بہ گذاريائين. نواب عبدالحليم پليءَ سان گڏ شينهن جي شڪار وقت نہ رڳو نواب جو همسفر رهيو، پر بمبئيءَ مان هٿيار خريد ڪرڻ وقت بہ سندس مشير رهيو.
لطف حساماڻي، وڏيري محمد سگهي پليءَ کي گهڻو ويجهو رهيو ۽ وڏيري سان گڏ هندستان جو سير سفر بہ ڪيائين. جان محمد ولد نواب عبدالحليم پليءَ سان گڏ ’سنڌ هاري ڪميٽيءَ‘ ۾ بہ حصو ورتائين. قاضي غلام رسول ولد جان محمد پليءَ جي سياست ۾ رهنمائي ڪيائين. پاڪستان سرڪار طرفان کيس مسلم ليگ جي خدمتن جي عيوض سنَد بہ ملي. عبدالڪريم پليءَ جي ايم. پي. اي ٿيڻ بعد پيپلزپارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. ناري پٽ جي هن ڏاهي انسان، 22 جولاءِ 1996ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو