لطيف اياز پنهور

لطيف اياز پنهور: لطيف اياز پنهور نامياري اديب ۽ سياستڪار ابن حيات پنهور جو پٽ آهي. هن 22 سيپٽمبر 1956ع تي ٽنڊي مير محمود، حيدرآباد ۾ جنم ورتو.سنڌي ادب ۾ ايم. اي آهي. هن وقت گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڪوٽڙيءَ ۾ ڪلارڪ آهي. لطيف اياز سٺو ڪالم نگار ۽ مترجم آهي. هن جا ڪتاب: (1)”ساريان سيئي ڏينهن“ (ڪرشن چندر جي نـاول جو ترجمو: 1995ع)، (2) ”عشـق جو آواز- بن منصور حلاج'>حسين بن منصور حلاج“ (جميله هاشميءَ جي ناول ’دشت سوس‘ جو ترجمو: 2007ع) ڇپيل آهن. هو هن وقت پريٽ آباد، حيدرآباد ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.09.22  عيسوي

لطيف اياز پنهور 22 سيپٽمبر 1956ع تي ٽنڊي مير محمود، حيدرآباد ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شگفتہ جماڻي
علي گوهر لاهوري
بيگم نصرت ڀٽو
اَجن فقير ڏيرو
ثمينه ڪنول
حسن بانگو ڀاڻوٺي
اياز سمون
ديو اُڌارام ناٿاڻي
ڪيرت مھرچنداڻي
جان محمد جمالي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون