لطيف سنگت سنڌ

لطيف سنگت، سنڌ (ٻارن جي تنظيم): ٻارڙن جي تنطيم ’لطيف سنگت‘ 19 مارچ 1981ع تي جيئي سنڌ محاذ جي نگرانيءَ هيٺ قائم ٿي. پھرين سرور سھتو ۽ پوءِ ڪجهه وقت جمن دربدر هن تنظيم جا نگران رهيا. هن تنظيم جون سڄي سنڌ ۾ شاخون قائم ڪيون ويون. مرڪز ۽ شاخن ۾ چونڊن ذريعي عھديدار چونڊيا ويندا هئا. پھرين چونڊ سن شھر ۾ 1981ع ۾ جي. ايم سيد جي نگرانيءَ ۾ ٿي، تنظيم پاران پندرهن روزه خبر نامو به شايع ٿيندو هو. تنظيم پاران سنڌ ٻالڪ ميلو به ڪيو ويو. هيءَ تنظيم 1990ع تائين گهڻو سرگرم رهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو