لعلڻ خان لغاري

لعلڻ خان لغاري: لعلڻ خان ولد علي بخش سنجراڻي لغاري، ڳوٺ گل محمد لغاري، تعلقي شھدادپور جو ويٺل هو، شاعريءَ جي ابتدا 1918ع ۾ ڪيائين. سندس گهڻو شعر سرائڪيءَ ۾ چيل آهي، جيڪو حمل فقير جي طبع تي چيائين. ’دودي چنيسر‘، ’يوسف زليخا‘ ۽ ’هير رانجهو‘ جا منظوم قصا پڻ چيا اٿس. هن 1960ع ڌاري وفات ڪئي.


لفظ لعلڻ خان لغاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو