لعل بخش چنو

لعل بخش چنو

لعل بخش چنو

لعل بخش چنو: مشھور سازندي ۽ موسيقار لعل بخش ولد احمد بخش چني، پھرين جنوري 1968ع تي ڳوٺ نبي شاھہ وڳڻ، تعلقي ڳڙهي ياسين ، ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. اِبتدائي ۽ ثانوي تعليم رتيديري شھر مان حاصل ڪري، ’شاھہ لطيف يونيورسٽي، خيرپور‘ مان ايم. اي (اِقتصاديات) ڪئي. کيس موسيقيءَ جو شوق ننڍپڻ کان ٿيو ۽ پنھنجي ڳوٺ جي ڪلاسيڪل راڳي علي محمد وڳڻ ۽ اڳتي هلي نامور طبلا نواز اُستاد قادر بخش کان طبلي ۽ ڍولڪ جي سکيا ورتي. بعد ۾ هي مختلف اُستادن کان بينجو ۽ هارمونيم پڻ سِکيو. هن اِسٽيج آرٽسٽ طور ملڪي سطح جي نامور راڳين سان ڍولڪ، هارمونيم ۽ بينجو تي سنگت ڪئي آهي. سندس هڪ ڪتاب ’نوراني نصيحتون‘ 2011ع ۾ ڇپيل آهي، جنھن ۾ هن پنھنجي پھرئين اُستاد علي محمد وڳڻ پاران مليل سبقن ۽ نصيحتن کي قلمبند ڪيو آهي. لعل بخش چنو حڪمت جو پڻ ڄاڻو آهي ۽ معاشي حوالي سان شھر رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سندس دواخانو پڻ آهي


لفظ لعل بخش چنوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.01.01  عيسوي

مشھور سازندي ۽ موسيقار لعل بخش ولد احمد بخش چني، پھرين جنوري 1968ع تي ڳوٺ نبي شاهه وڳڻ، تعلقي ڳڙهي ياسين ، ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احمد ھالائي مخدوم
شاھہ حسن
رمضان مگسي
قاضي شڪر ﷲ شيرازي
عبدالقادر بلو
راما پير
جرڪس فقير
رهيجا تولارام ڪنئيها لال
عمرالدين زرداري
ذوالفقار علي شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون