لعل محمد لعل

لعل محمد لعل

لعل محمد لعل

لعل محمد ’لعل‘: شاعر، اديب ۽ ايڊيٽر لعل محمد ’لعل‘ ولد داد محمد دايو 21 جنوري 1923ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. انٽر تائين شڪارپور ۾ پڙهيو. هو بئراج کاتي ڪراچيءَ ۾ ملازمت سان لڳو. ڪجهه عرصي کان پوءِ اها نوڪري ڇڏي، ’سنڌ مدرسة الاسلام‘ ۾ استاد مقرر ٿيو. انهيءَ نوڪريءَ دوران پاڻ تعليم به حاصل ڪندو رهيو. بي. اي ۽ ايل. ايل بي جا امتحان ڪراچي جي ايس. ايم لا ڪاليج مان پاس ڪيائين. ڪجهه عرصي کان پوءِ سرڪاري ملازمت ڇڏي شڪارپور هليو ويو ۽ وڪالت ڪرڻ لڳو. جتي ڪجهه عرصو ايڇ. ايم. لا ڪاليج شڪارپور جو پرنسپال به ٿي رهيو. شاگرديءَ واري زماني ۾ سندس شعر ماهوار رسالي ’سنڌو‘ ۾ شايع ٿيندا هئا. پنھنجو تخلص ’احمر‘ ڪتب آڻيندو هو. هُن 1950ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران ماهوار ’آفتاب‘ ادبي رسالو جاري ڪيو. جنھن جو ايڊيٽر پاڻ ئي رهيو. سنڌ مدرسي جي ميگزين ’سنڌ مدرسه ڪرانيڪل‘ جو چيف ايڊيٽر رهيو. هو شڪارپور جي علمي ادبي، تحقيقي ۽ اشاعتي اداري ’شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي‘ جو صدر رهيو. سندس شاعريءَ جو مجموعو ’گونج‘ 1993ع ۾ ڇپيو. هن 5 مئي 1997ع تي وفات ڪئي.


لفظ لعل محمد لعلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.01.21  عيسوي

شاعر، اديب ۽ ايڊيٽر لعل محمد ’لعل‘ ولد داد محمد دايو 21 جنوري 1923ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.


1997.05.05  عيسوي

لعل محمد 5 مئي 1997ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چانڊيو محمد حسن
پير ابراهيم شاھہ، رام ٻاراهو
دکايل هوندراج
زيب ڪنگو
حاجن ’سائل‘ ميمڻ
آزاد بلگرامي
رخسانه رخ سومرو
اسماعيل اداسي
ٺٽوي نيازي
اندرا شبنم
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون