لعل چند مجروح

لعل چند ’مجروح‘: مشھور شاعر لعل چند ’مجروح‘ 1884ع ڌاري قنبر، ضلعي قنبر- شھدادڪوٽ ۾ ڄائو. سندس وڏا اصل سبيءَ جا هئا، جن مان ڪيترائي مسلمان ٿيا هئا. انھن سان گڏ هوُ به مسلمان ٿيو هو ۽ ۽ سندس نالو لعل محمد رکيو ويو هو، پر پاڻ کي سڏائيندو ’لعل چند‘ جي نالي سان هو. هن سنڌي تعليم قنبر ۾ حاصل ڪئي ۽ پرائمري ماستر ٿيو. کيس طب ۽ فارسي زبان سان به دلچسپي هئي، جنھن ڪري ٻنھي ۾ چڱي مھارت حاصل ڪئي هئي. نوڪري دوران ڇڄڙا، قنبر، مھي مڪول، ڪوٺي ڪلهوڙا سميت ٻين ڪيترن ئي اسڪولن ۾ ذميواريون انجام ڏنيون. آخر ۾ هيڊ ماستر جي عھدي تان استعيفيٰ ڏئي، شھدادڪوٽ ۾ حڪمت جو ڪم ڪرڻ لڳو. پاڻ صوفي طريقت ۾ صوفي قبول محمد فاروقي، درازن واري جو مريد هو. ’بزم مشاعره‘ لاڙڪاڻي جو 1915ع کان ميمبر رهيو. غزل جو مقبول شاعر هو. مشاعري ۾ ’مجروح‘ تخلص ڪتب آڻيندو هو. سندس ديوان ڇپيل آهي. هُو نياڻي جي علاج لاءِ جهرڪن ويل هو، جتان واپس ويندي 17 جولاءِ 1942ع تي ريل گاڏي ۾ دل جو دورو پيو ۽ سفر ۾ ئي وفات ڪري ويو. غربت سبب سندس ميت قنبر کڻائي وڃڻ بجاءِ ڪوٽڙيءَ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو