لغارين بجراڻين واري ڍنڍ

لغارين بجراڻين واري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ نوشھري فيروز ضلعي تعلقي موري ۽ ديھه خيري ديري ۾ واقع آهي. ڪچي جي وڏي ايراضيءَ واري هن ڍنڍ کي ’مصري ڍنڍ‘ پڻ سڏيو ويندو آهي. مٺي پاڻيءَ جي هيءَ ڍنڍ درياهه جي ڇڏيل وهڪري سبب وجود ۾ آئي. هن ڍنڍ تي اهو نالو لغارين ۽ بجراڻين جي ڳوٺ سبب پيو، جيڪو هن ڍنڍ جي اوڀر پاسي ڪناري تي آباد آهي. ٽالپرن جي دؤر ۾ هن ڍنڍ کي تمام گهڻي اهميت حاصل هئي. هن ڍنڍ ۾ مڇي، آبي جيوت کان سواءِ ڏيھي توڙي پرڏيھي پکي گهڻي تعداد ۾ اچي واهيرو ڪندا هئا، جن ۾: نيرڳي، ٻوئڙ، ڊگهوش، هنج، ڦولارو، ڪرو ۽ ٻراڙو شامل آهن. هيءَ ڍنڍ هن وقت پاڻيءَ جي کوٽ وغيره جي ڪري ختم ٿي چڪي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو