لغاري بجراڻي (تڙ ۽ بندر): لغاري بجراڻي، موجوده ضلعي نوشھري فيروز جي تعلقي موري ديھه خيري ديري ۾، ميرن جي دؤر ۾ ننڍو بندر هو. چيٽ ۽ ڪتيءَ جو فصل لھڻ کان پوءِ اناج هن بندر تان ٻين بندرن خاص ڪري ڪوٽڙي، حيدرآباد ۽ سيوهڻ لاءِ موڪليو ويندو هو. لغاري بجراڻي تڙ تان ٺٽي، گهوڙا ٻاري، ڪيٽي بندر ۽ شاهبندر-کاري ڇاڻ تائين به مال ٻيڙين ۾ ويندو هو.
ميرن جي دؤر ۾ لغاري بجراڻيءَ ۾ حڪومت پاران محافظ رهندو هو، ميرن جي پھرين چؤياريءَ ۾ لغاري بجراڻي پتڻ به هو، جيڪو سرڪار طرفان منظور ٿيل هو. بجراڻي لغارين جو شھر ٻه ٽي ڀيرا درياهه پاتو هو. اهي پاتل ٻئي شھر سنڌوءَ جا بندر هئا. هن شھر۾ وڏيون بازاريون هونديون هيون، هتي گهڻا واپاري هندو هئا.