
لغام
لغام: لغام گهوڙي، گڏهه يا خچر تي سواري ڪرڻ يا بار ڍوئڻ مھل کين سنوت ۾ هلائڻ لاءِ انهن جي وات سان ٻڌو ويندو آهي. لغام، ٻن رسين، چمڙي جي ڪشي ۽ اڌ فوٽ جي لوهي ڪڙيءَ تي مشتمل ٿئي ٿو. اڌ = فوٽ جي لوهي ڪڙي جانور جي وات ۾ ڏني ويندي آهي، جنھن جي ٻنهي ڇيڙن ۾ رسيون ٻڌل هونديون آهن. وات واري لوهي ڪڙي کان اڌ-مُني فوٽ جي مفاصلي تي جانور وغيره جي اکين کان هيٺ رسي جو ٽڪرو، گولائيءَ ۾ منھن کي قابو ۾ آڻيندو آهي، جنھن بعد ٻئي رسيون ڪنڌ وٽ چمڙي جي گول ڪشي مان گذرنديون آهن، جيڪو ڪشو ڪنڌ ۾ مضبوطيءَ سان بيھندو آهي. رسين جا ٻئي ڇيڙا سوار جي هٿ ۾ هوندا آهن. سوار جيئن رسين کي زور سان ڇڪيندو، تيئن گهوڙو وغيره ڇڪ اچڻ سبب تيز رفتاريءَ سان هلندو. رسيءَ کي ڍرو ڇڏڻ سان گهوڙو آهستي ٿيندو.