لغت لغت نويسي

لُغت/لُغت نويسي: ’لغت‘ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي لفظي معنى ’زبان‘ آهي، پر تفصيل سان جاچيو وڃي ته ’لغت’ اَهڙي ڪتاب کي چئجي ٿو، جنھن ۾ ڪنھن قومَ ۽ اُن جي ٻوليءَ جا آواز، لفظ، اِصطلاح، سمجهاڻيون ۽ انهن جي معنى درج ٿيل هوندي آهي. لغت کي فارسيءَ ۾ ’فرهنگ‘، هنديءَ ۾ ’ڪوش‘ ۽ اَنگريزيءَ ۾ ’ڊڪشنري‘ (Dictionary) چيو وڃي ٿو. سنڌي زبان ۾ لغت نويسيءَ جو فن سورهين صديءَ جي اِبتدا ۾ مِلي ٿو. ان ڏس ۾ سنڌ جي تاريخي اهميت واري شھر ٺٽي جي هڪ وڏي عالم، ڪاتب ۽ لغت نويس مُلا عبدالرشيد الحسيني المدني التتويءَ ( وفات 71-1670) جون عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ مرتب ڪيل ٻه لغتون اهم آهن، جن مان هڪ ’عربي - فارسي لغت‘ ’منتخب اللغات شاهجھاني‘ آهي، جيڪا ’راشدي عربي‘ جي نالي سان به سڏي ويئي آهي. هيءَ لغت 40 - 1636ع ۾ مرتب ڪري، مغل شھنشاهه شاهجھان کي منسوب ڪئي وئي هئي. هن لغت جا اڳتي هلي 1808ع، 1816ع. ۽ 1836ع وارن سالن ۾ مولوي الله داد جي تصحيح ۽ ايم- لوسرن جي مقدمي سان ڪلڪتي مان مختلف ڇاپا شايع ٿيا. هيءَ لغت 1835ع ۾، 1862ع ۾ بمبئيءَ مان ۽ 1879ع ۾ لکنئو مان پڻ شايع ڪئي ويئي. ملا عبدالرشيد جي ٻي لغت، فارسي - عربيءَ ۾ ” فرهنگ راشدي“ يا راشدي فارسي“ جي نالي سان مقبول ٿي، جيڪا هن 1653ع ۾ مڪمل ڪري، ان جو انتساب به مغل بادشاهه شاهجھان کي ڪيو، هيءَ لغت ’فرهنگ جھانگير‘، ’فرهنگ سروري‘ ۽ ’مجمع الفارس‘ جي سنواريل ۽ وڌايل صورت چئي وڃي ٿي. هن لغت کي بعد ۾ مولوي ذوالفقار عليءَ نظر مان ڪڍيو ۽ ’اسپلٿ‘ جي مقدمي سان 75- 1870ع ۾ ٻن جلدن ۾ شايع ڪئي وئي. هن لغت جا قلمي نسخا، سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ پنجاب يونيورسٽيءَ جي ڪُتب خانن ۾ موجود آهن.
مغل - ڪلهوڙا دؤر کان پوءِ(هي لفظ نه ڏجن) ٽالپر دور (1843- 1783ع) ۾ ”سنڌي - فارسي“۽ ”فارسي - سنڌي“ لغتون قلمي مسودن جي صورت ۾ ترتيب ڏِنيون ويون ۽ اُهي سرڪاري عملدارن ۽ ڪورٽن جي لکپڙهه لاءِ گرمکيءِ يا ديوناگريءَ ۽ فارسي لپين ۾ لکيون ويون. 1836ع ۾ ڊبليو. ايڇ. واٿن (W.H.Wathen) ۽ 1843ع ۾ جارج اسٽئڪ (George Stack) سنڌي لفظن جون ٻه مختصر نام- مالهائون/ فھرستون (Vocabularies) لکيون، جيڪي” جرنل آف ايشيا ٽڪ سوسائٽي آف بنگال، ڪلڪتي“ ۾ شايع ٿيون. اهڙيءَ طرح آر. ليچ (R. Leech)، هند سرڪار جي آفيسن ۾ استعمال لاءِ، هندستان جي ستن مکيه زبانن جي لفظن جي هڪ مان- مالها/فھرست (Vocabulary) تيار ڪئي، هيءَ فھرست 1838ع ۾ بمبئيءَ مان شايع ٿي.
ايئن چئي سگهجي ٿو ته، انگريز دؤر ۾ ئي صحيح لغت نويسيءَ جي ابتدا ٿي. هن دؤر ۾ سڀ کان اڳ هڪ اهڙي لغت ملي ٿي، جيڪا آخوند عبدالرحيم ”وفا“ عباسيءَ ”جواهر لغات سنڌي اڪيچار“ نالي سان ترتيب ڏني، جنھن ۾ سنڌي لفظ ۽ انهن جون فارسيءَ ۾ معنائون ڏنيون ويون هيون. سنڌي ٻوليءَ جي عالم، محقق ۽ لغت نويس ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو رايو آهي ته، ”هيءَ لغت لازمي طور انگريز دؤر ۾ تيار ڪرايل ’سنڌي - انگريزي‘ ۽ ’انگريزي - سنڌي‘ لغتن کان اڳ ۾ تيار ڪئي ويئي هوندي.“
انگريز دؤر ۾ ملازمن، شاگردن، استادن توڙي پرڏيھي آفيسرن کي سنڌي سکڻ جي سھوليت مھيا ڪري ڏيڻ لاءِ ”سنڌي - انگريزي“ ۽ ”انگريزي - سنڌي“ لغتن جي ضرورت محسوس ٿي. ان ڏس ۾ سڀ کان اڳ اُن وقت جي حيدراباد جي ڊپٽي ڪليڪٽر، ڪئپٽن جارج اسٽئڪ، 1848ع ۾ ”انگريزي - سنڌي“ لغت ترتيب ڏِني، جيڪا 1849ع ۾ بمبئيءَ مان شايع ٿي. هن جي تيار ڪيل ”سنڌي - انگريزي“ لغت، سر بئرو ايلس ايڊٽ ڪري، 1855ع ۾ شايع ڪئي. هي ٻئي لغتون ديوناگري لپيءَ ۾ ڇپيون. ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي انهن ٻنهي لغتن کان پوءِ اهميت واري لغت، انگريز پادريءَ ۽ عالم جي. شرٽ ۽ ٻن سنڌي عالمن اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻيءَ ۽ مرزا صادق عليءَ جي تيار ڪيل ’سنڌي - انگريزي لغت‘ آهي، جيڪا 1879ع ۾ ’ڪراچي ايجوڪيشنل ڊپارٽمينٽ‘ ڇپائي پڌري ڪئي. اُها عربي - سنڌي لپيءَ ۾ هئي. اُن کان سواءِ لڪشمڻ وشنو پرناچ پائيءَ 1868ع ۾ ’سنڌي - انگريزي لغت‘ لکي ۽ ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻيءَ 1904ع ۾ ”انگريزي - سنڌي لغت“ لکي. ذڪر ڪيل ٻئي لغتون پڻ عربي - سنڌي لپيءَ ۾ هيون.
20 صديءَ جي شروعات ۾ پرمانند ميوارام رامچنداڻيءَ جون ٻه لغتون ’سنڌي - انگريزي لغت‘ (1910ع ۾) ۽ ’انگريزي - سنڌي لغت‘ (1933ع ۾) شايع ٿيون، جيڪي سنڌي لغت نويسيءَ جي ميدان ۾ تمام وڏي اهميت رکن ٿيون. هن جي ’سنڌي - انگريزي لغت‘ ۾ پنجويھن هزارن جي لڳ ڀڳ سنڌي لفظن جون معنائون انگريزيءَ ۾ ڏنيون ويون آهن. هنن ٻنهي لغتن جي اهميت ۽ افاديت کي محسوس ڪندي، ’اِنسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشوري‘ ۽ ’ساهتيه اڪيڊمي، دهليءَ‘ اُن جا نوان ڇاپا شايع ڪرايا آهن. ان کان پوءِ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي تائين ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون سنڌي - انگريزي ۽ انگريزي - سنڌي لغتون تيار ٿينديون رهيون، جن ۾ بولچند ڊولامل (1909ع)، خانچند نانواڻيءَ (1915ع)، جي.بي. آڏواڻيءَ (1917ع)، سڄڻ سنگهه فتح سنگهه (1922ع)، نانڪرام ڌرمداس ميرچنداڻيءَ (1928ع)، موهن لال جوتسنگهه شاهاڻيءَ (1937)، نانڪرام ڌرمداس ميرچنداڻيءَ (1928ع)، موهن لال جوتسنگهه شاهاڻيءَ (1938ع)، آنندرام ٽي.شھاڻيءَ (1942ع) ۽ ڊبليو. اي شاهاڻيءَ (1942ع) جون ڊڪشنريون اهميت جوڳيون آهن. انهن مان وري آنندرام ٽي. شھاڻيءَ جي ’سنڌي - انگريزي لغت‘ ۽ ’انگريزي-سنڌي لغت‘ اڄ تائين وري وري سنڌ ۽ هند ۾ ڪيترا ئي ڀيرا ڇپجندي پئي رهي آهي.
پاڪستان جي قيام کان پوءِ سنڌ ۽ هند ۾ ’سنڌي - انگريزي‘، ’انگريزي - سنڌي‘، ’هندي - انگريزي - سنڌي لغتون‘ به ڇپيون آهن، جن ۾ ايم. ايڇ رامچنداڻيءَ ۽ اي. ڊي لالواڻيءَ (1952ع)، ميمڻ عبدالحسين (59-1957ع)، ديپچند (1962ع)، واسواڻيءَ ۽ پرڀداس (1963ع)، ثناءُ الله شيخ (1967ع)، ايم. ايل خوبچنداڻيءَ (1968ع)، غلام اصغر ونڊير (1972ع)، امان الله عباسيءَ (1978ع)، سيد علي ڏني شاهه (1988ع) ۽ ٻين جون لغتون اچي وڃن ٿيون.
انگريزي - سنڌي لغتن کان سواءِ اردو - سنڌي ۽ سنڌي - اردو لغتن جي سلسلي ۾ ابن الياس سومري (51_1950ع) ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪتر غلام مصطفيٰ خان (60-1959ع) جون لغتون اهم آهن. عربي_ سنڌي لغتن ۾ وري غلام حسين جلباڻيءَ (89-1988ع جي ڇاپي لغت کان سواءِ ڪيترين عربي_ سنڌي ۽ فارسي_ سنڌي قلمي لغتن جي ڄاڻ مِلي ٿي. علم طب جي سنڌي لغتن ۾ حڪيم پرڀداس (1935ع)، حڪيم محمد جعفر انصاريءَ (1946ع) ۽ حڪيم نياز همايونيءَ (1960ع) جون تيار ڪيل، وڌايل ۽ سنواريل لغتون اهميت جوڳيون آهن.
سنڌي - سنڌي لغتن جي سلسلي ۾ سنڌ جي مشھور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نگرانيءَ ۽ تصحيح سان تيار ٿيل ”جامع سنڌي لغات“ (پنج جلد) انتھائي اهم لغت آهي؛ جنھن جي اهميت سڀ کان اول 1940ع ۾ جي. ايم. سيد محسوس ڪئي، جيڪو ان وقت سنڌ جو وزير تعليم هو، ۽ جنھن ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ قائم ڪرايو هو. ان بورڊ، عالمن جي هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي، جنھن ڪيترن سالن جي عرصي کان پوءِ صرف پھرين چئن اکرن (الف، ب، ٻ، ڀ) تي ڪم ڪيو. 1951ع ۾ جڏهن ان بورڊ جي نئين سر تشڪيل ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان ڪئي وئي، تڏهن ان وقت بورڊ جي نائب صدر جي. ايم. سيد جي ذاتي دلچسپيءَ سان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نگرانيءَ ۾ سنڌي لغت جو ڪم ٻيھر شروع ٿيو، جنھن پنھنجن ڪيترن مددگارن ۽ تعلقي وار ڪارڪنن جي سھڪار سان جاکوڙ ڪري هن منصوبي کي تڪميل تي پڄايو. هن وقت سنڌي زبان جي ان کان وڌيڪ ڪابه مستند جامع لغت موجود نه آهي. ان کان سواءِ هن وقت تائين ڇپيل لغتن ۾ جي. شرٽ جي ”اکر ڌاتو“ (1866ع)، جهمٽ مل نارومل وسڻائيءَ جي ”وئتپتي ڪوش“ (1886ع)، ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ جي ”غريب اللغات“ (1907ع)، مرزا قليچ بيگ جون تيار ڪيل لغتون؛ ”لغات لطيفي“ (1914) ۽ ”سنڌي لغات قديمي“ (1924ع)، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جون تيار ڪيل لغتون، ”تحقيق لغات سنڌي“ (1963ع) ۽ ”سچل لغات“ (1984ع)، نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ نقويءَ جي ”ٻاروچي ٻولي“ (1984ع) ۽ ڊاڪٽر غلام قادر سومري جي ”ٻٽن لفظن جي لغت“ (1996ع) اهم لغتون آهن. ان کان سواءِ سنڌي اصطلاحن ۽ پھاڪن جون ڪيئي اهم لغتون پڻ هن وقت تائين ڇپجي چڪيون آهن، جڏهن ته ڪيترن ڪلاسيڪل توڙي جديد شاعرن، جھڙوڪ: شيخ اَياز، نياز همايوني، اُستاد بُخاري، ميون شاهه عنات ۽ ٻين جي شاعريءَ ۾ ڪتب آيل لفظن تي آڌاريل لغتون ڇپجي چُڪيون آهن.
سنڌي زبان ۾ هن وقت تائين ڇپيل مختلف لغتن جا تفصيل هيٺ ڏجن ٿا:
(1) ڊبليو . ايڇ. واٿن، ’سنڌي زبان جي واڪبلري‘ (1836ع)، (2) ڪئپٽن جارج اسٽئڪ، ’سنڌي زبان جي واڪبلري‘ (1843ع)، (3) ڪئپٽن جارج اسٽئڪ، ’انگريزي - سنڌي لغت‘ (1849ع)، (4) ڪئپٽن جارج اسٽئڪ، ’سنڌي - اَنگريزي لغت‘ (1855ع)، (5) لڪشمن وشنو پرانچ پائي ’اَنگريزي - سنڌي لغت‘ (1868ع)، (06) جي. شرٽ اُڌارام ۽ مرزا صادق علي، ’سنڌي - اَنگريزي لغت‘ (1879ع)، (7) ڪوڙومل چندن مل کلناڻي، ’اَنگريزي - سنڌي لغت‘ (1904ع)، (8) ڊولومل بولچند، ’اَنگريزي - سنڌي ڊڪشنري‘ (1904ع)، (9) جي. بي آڏواڻي، ’پريئيمر ڪنسائيز اَنگريزي - سنڌي ڊڪشنري‘ (1910ع)، (10) پرمانند ميوارام، ’سنڌي - اَنگريزي لغت‘ (1910ع)، (11) خانچند نانواڻي، ’اَنگريزي - سنڌي ڊڪشنري‘ (1915ع)، (12) سڄڻ سنگهه فتح سنگهه، ’سنڌي - اَنگريزي لغت‘ (1922ع)، (13) ڄيٺمل ڪوڙومل آڏواڻي، ’نامنڪليچر آف سنڌ ڪراپس‘ (1925ع)، (14) نانڪرام ڌرمداس ميرچنداڻي، ’اِسٽئنڊرڊ اَنگريزي - سنڌي ڊڪشنري‘ (1928ع)، (15) خانچند نانواڻي، ’اَنگريزي - سنڌي ڊڪشنري (پاڪيٽ سائيز)‘ (1928ع)، (16) پرمانند ميوارام، ’اَنگريزي - سنڌي لغت‘ (1933ع)، ]هن لغت جا نوان ڇاپا ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ڄامشوري ڇپايا آهن[، (17) موهن لال جوت سنگهه شاهاڻي، ‘A Hand book of Simdhi Idioms’، (1937ع)، (18) آنند. ٽي شاهاڻي، ’انگلش-سنڌي ڊڪشنري‘ ۽ (19) آنند. ٽي شاهاڻي، ’سنڌي - اَنگريزي لغت‘، (1933ع) ]سنڌ ۽ هند ۾ هن لغت جا پڻ اَڄ تائين ڪيترائي ڇاپا ڇپجندا پئي رهيا آهن.[، (20) ڊبليو. اي شاهاڻي، ’دِي پاڪيٽ سائيز اَنگريزي سنڌي ڊڪشنري‘ (1942ع، 1957ع). (21) ايم. ايڇ رامچنداڻي ۽ اي. ڊي لالواڻي، ’ويھين صديءَ جي اَنگريزي - سنڌي ڊڪشنري‘، (1952ع)، (22) ميمڻ عبدالحسين، ’پاڪ نيشنل سنڌي - اَنگريزي لغت‘ (1957ع)، (23) غلام رسول شاهه ’پاڪ نيشنل سنڌي - اَنگريزي لغت‘ (1957ع)، (24) ميمڻ عبدالحسين، ’پاڪ ٽرپليٽ اَنگريزي - سنڌي - اُردو ڊڪشنري‘، (1959ع)، (25) دِيپچند، ’هندي - اِنگريزي - سنڌي ڊڪشنري‘ (اِنڊيا)، (1962ع)، (26) واسواڻي ۽ پرڀداس، ’هندي - اِنگريزي ۽ سنڌي ڊڪشنري‘ (اَِجمير)، (1963ع)، (27) ثناءُ الله شيخ، ’مھراڻ اَنگريزي - سنڌي ڊڪشنري’ (1967ع)، (28) محمد منير چنا، ’سنڌي - اَنگريزي لغت‘ (1967ع)، (29) ايم. ايل خوبچنداڻي، ’جامع سنڌي - اَنگريزي لغت‘ (1968ع)، ]هيءَ لغت دکن ڪاليج جي سنڌي لغت پروجيڪٽ هيٺ ڇپايل آهي[، (30) سيد غلام مصطفى شاهه ۽ غلام اَصغر ونڊير، ’اَنگريزي - سنڌي ڊڪشنري‘ (آفيس جي لکپڙهه لاءِ) (1972ع)، (31) اَمان الله ايم. عباسي، ’همدرد اَنگريزي ٽو سنڌي ڊڪشنري‘ (1977ع)، (32) اَمان الله عباسي ’نيو سنڌي ٽو سنڌي اينڊ اِنگلش ڊڪشنري‘ (1978ع)، (33) ڊاڪٽر شمس الدين تنيو، ’جديد سائنٽفڪ ڊڪشنري‘، (1978ع)، (34) سيد علي ڏِنو شاهه، ’يادگار ڊڪشنري اَنگريزي ٽو اَنگريزي ۽ اَنگريزي ٽو سنڌي‘ (1988ع)، (35) ڊاڪٽر ايم. اي قاضي، ’ڊڪشنري آف سائنٽفڪ اينڊ ٽيڪنيڪل ٽرمس‘، (1991ع)، (36) ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو، ’سوشيالاجيءَ جي لغت‘ (اَنگريزي - سنڌي)، (2004ع)، (37) عبدالرشيد ميمڻ ’سنڌي- سنڌي- اَنگريزي لغت‘ (2006ع)، (38) اَمين لغاري، ’پرنٽ ٽيڪنالاجيءَ جي لغت‘، (2007ع)، (39) خليل الرحمان شيخ، ’قانون جي لغت‘ (2007ع)، (40) خالد آزاد ۽ خان محمد جروار، ’دفتري لغت‘، (2009ع)، (41) عبدالحسين ميمڻ، ’اَنگريزي - سنڌي ڊڪشنري‘ (2010ع)، (42) پروفيسر رشيده ڀٽي، ’هيماٽالاجيءَ جي ڊڪشنري‘ (2010ع)، (43) سيد حاڪم علي شاهه بُخاري ۽ محمد عثمان ميمڻ، ’تعميرات جي لغت‘ (2010ع)، (44) سيد حاڪم علي شاهه بُخاري ۽ محمد عثمان ميمڻ، ’تجارت ۽ بئنڪاريءَ جي لغت‘ (2011ع)، (45) اِنعام شيخ، ’بين الاقوامي تعلقات جي لغت‘ (2012ع)، (46) رضوان گل، ’جاگرافيءَ جي لغت‘ (2012ع).
سنڌي لغتون: (1) جي. شرٽ، ’اَکر ڌاتو‘ (پھريون ڇاپو 1866ع، ٻيو ڇاپو 1893ع)، (2) جهمٽمل ٺارو مل وسڻائي، ’وئتپتي ڪوش‘، (1886ع)، (3) ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، ’غريب اللغات‘ (شاهه جي ٽن سُرن: ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ ۽ کنڀات جي معنيٰ تي مشتمل لغت)، (1907ع)، (4) مرزا قليچ بيگ، ’لغاتِ لطيفي‘ (1914ع)، (5) مرزا قليچ بيگ، ’سنڌي لغاتِ قديمي‘، (1924ع)، (6) ڊاڪٽر گربخشاڻي، ’شرح لطيفي‘ (سُر ڪلياڻ)، (1925ع)، (7) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’جامع سنڌي لغات‘ (جلد پھريون)، (1960ع) (8) ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ’تحقيق لغات سنڌي‘، (1963ع)، (9) شاهجھان قريشي، ’سنڌي علمي لفظن جو ذخيرو‘، (1965ع)، (10) پير حسام الدين شاهه راشدي، غلام مصطفى قاسمي، محمد اِبراهيم جويو ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا، ’سنڌي زبان جي بنيادي لغت‘، (1973ع)، (11) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ’لاڙ جي لغت‘ (1975ع)، (12) ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ’ڌاتو ڪوش'>سامي ڌاتو ڪوش‘ (1978ع)، (13) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’جامع سنڌي لغات‘ (جلد: 2)، (1981ع)، (14) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’جامع سنڌي لغات‘ (جلد: 3)، (1984ع)، (15) ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ’سَچل لغات‘ (1984ع)، (16) نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ نقوي، ’ٻاروڇي ٻولي‘ (1984ع)، (17) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’جامع سنڌي لغات‘ (جلد: 4)، (1985ع)، (18) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’جامع سنڌي لغات‘ (جلد: 5)، (1988ع)، (19) مخدوم محمد زمان ’طالب المولى‘، ’لغات سنڌي مخففات‘ (1991ع)، (20) ڊاڪٽر غلام قادر سومرو، ’سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت‘ (1996ع)، (21) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’روشني‘ (شاهه جي ڪلام جي لغت)، (2002ع)، (22) شھيد سومرو، ‘ٻوليءَ سندا ٻولَ‘ (2005ع)، (23) عزيز ڪنگراڻي، ’اَکر اَکر آرسي‘ (2009ع)، (24) سيد صالح محمد شاهه، ’هارپَ جي لغت‘ (2010ع)، (25) عنايت اُنڙ، ’اَکر اَکر ۾ اِسرار‘ (2015ع)، (26) محمد صديق منگيو، ’ڦلواڙي‘ (2014ع). (27) سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، ’مفصل سنڌي لغت‘ (جلد پھريون) (2015ع)، (28) سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، ’مفصل سنڌي لغت‘ (جلد ٻيو) (2016ع)، (29) سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، ’مفصل سنڌي لغت‘ (جلد ٽيون) (2017ع)، (30) سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، ’مفصل سنڌي لغت‘ (جلد چوٿون) (2018ع)، (31) سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، ’سرائيڪي سنڌي لغت‘ (2018ع)، (32) مير محمد پيرزادو، ’نياز همايوني جي شاعريءَ جي لغت‘ (2018ع)، (33) سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، ’مفصل سنڌي لغت‘ (جلد پنجون) (2019ع)، (34) سنڌي لئنگئيج اٿارٽي/ثقافت کاتو، ’مفصل سنڌي لغت‘ (جلد ڇھون) (2021ع)، (35) ڊاڪٽر فياض لطيف، ’شيخ اياز جي شاعريءَ جي لغت‘ (2022)، (36) عبدالڪريم آزاد سنديلو، ’ڍاٽڪي سنڌي لغت جلد 1 ۽ 2) (2022ع)، (37) مصور حسين، ’سنڌي اصطلاحي لغت‘ (2023ع)، (38) سنڌي لئنگئيج اٿارٽي/ثقافت کاتو، ’مفصل سنڌي لغت‘ (جلد ستون) (2023ع)، (39) ساجد چانڊيو، ’اشتقاقن جي لغت‘ (2024)، (40) ڊاڪٽر فياض لطيف، ’ميين شاهه عنات جي ڪلام جي لغت‘ (2025ع).
قلمي سنڌي لغتون: (1) مولوي هدايت الله هالائي، ’شاهه جي رسالي جي لغت‘ (قلمي)، (2) مولوي علي محمد مھيري، ’سنڌي لغت‘ (قلمي)، (1920ع)، (3) لالا هاسانند، ’سنڌي لغت‘ (قلمي)، (1947ع کان اَڳ)، (4) سَھج رام، ’سنڌي لغت‘ (قلمي)، (1947ع کان اَڳ)، (5) خليفو مير محمد ايم مرحوم گل محمد، ’مجمع زبانن جو راڳ، گدائن جو ساڳ‘ (قلمي)، (1940ع)، (6) محمد بخش واصف، ’سنڌي لغت‘ (پھريان چار اَکر قلمي)، (7) ڊاڪٽر غلام قادر سومرو، ’سنڌي لغت‘ (پھريان چار اَکر قلمي)، (8) مظھر خواجا، ’ساهتي لغت‘ (قلمي)، (9) ڊاڪٽر سيد صالح محمد شاهه، ’هاري لغت‘ (قلمي)
اُردو - سنڌي لغتون: (1) محمد بخش واصف، ’نئين اُردو - سنڌي لغت‘ (1950ع)، (2) اِبنِ اِلياس سومرو، (اُردو - سنڌي لغت‘ (1950ع)، (3) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفى خان، ’سنڌي - اُردو ‘ (1959ع)، (4) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفى خان، ’ اُردو - سنڌي لغت‘ (1960ع)، (5) عبدالستار بلوچ، ’اُردو - سنڌي لغت‘ (2003ع)، (6) ڊاڪٽر واحد بخش بزدار-ڊاڪٽر منظور ويسريو، ’سنڌي-اردو-بلوچي لغت‘ (2025ع).
فارسي - سنڌي لغتون: (1) آخوند عبدالرحيم عباسي، ’جواهر لغات سنڌي اَڪيچار‘ (1993ع)، (2) عبدالعفور ’مفتون‘ همايوني، ’فرهنگِ همايوني‘ (قلمي)، (3) فتح محمد اي هالائي، ’ڪشف الفيوض‘
عربي سنڌي لغتون: (1) محمد حمادالله السنڌي هاليجوي، ’الياقوت المرجان في شرح غريب القرآن‘، (1975ع)، (2) حاجي محمود خادم، محموداللغات‘ (قلمي)، (3) غلام حُسين جلباڻي، ’عربي - سنڌي لغت (2 جلد)، (90 - 1988ع)، (4) پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي قادري، ’سنڌي ۽ عربي ٻولين جو لغوي ڳانڍاپو‘، (2007ع).
علم طب جون سنڌي زبان ۾ لغتون: (1) حڪيم پرڀداس، ’مخزن الدويات‘، (1935ع)، (2) حڪيم محمد جعفر انصاري، ’فرهنگ جعفري يا تحفت الدويات‘، (1946ع)، (3) نياز همايوني، ’فرهنگ جعفري‘ (حڪيم محمد جعفر جي تصنيف کي وڌائي سڌاري ۽ سنواري تيار ڪيو ويو) 3 جلد، (1960ع). (4) ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجو، ’جديد سائيڪلوپيڊڪ ميڊيڪل ڊڪشنري‘ (2025ع).
پھاڪن ۽ اصطلاحن جا ڪتاب/ لغتون: (1) ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي، ’گل شڪر‘، (1869ع)، (2) ڪوڙومل چندن مل کلناڻي، ’سنڌي پھاڪا‘، (1889ع)، (3) روچيرام گجومل ڪرپالاڻي، ‘A Hand book of Sindhi Proverbs’، (1892ع)، (4) روچيرام جڳومل، ، ’سنڌي پھاڪا‘، (1995ع)، (5) گهنشيام داس رامنداس (ڀڳت) پڊعيدن، ’سنڌي ٻوليءَ جي سونھن‘ (ورجيسون ۽ محاورا)، (1910ع)، (6) مرزا قليچ بيگ، ’پھاڪن جي حِڪمت‘ (1925ع)، (7) ڀيروميل مھرچند آڏواڻي، ’پھاڪن جي پيڙهه‘، (1925ع)، (8) ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، ’گلقند‘ (ڀاڱو پھريون)، (1926ع)، (9) ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، ’گلقند‘ (ڀاڱو ٻيو)، (1928ع)، (10) موهن لال جوتسنگهه شھاڻي، ‘A Hand book of Sindhi Idioms’، (1937ع)، (11) غلام اَصغر، سنڌي کٽمٺڙا (عرف اِصلاحاتِ اَصغر)، (1956ع)، (12) ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ’پھاڪن جي پاڙَ‘ (1966ع)، (13) اَلھه بخش ٽالپر، ’پھاڪن جي پيڙهه‘ (1969ع)، (14) تيرٿداس پيسومل هاٿيراماڻي (بمبئي)، ’پھاڪن جي پاٻوهه‘ (1973ع)، (15) ليکراج ڪشنچند عزيز (بمبئي)، ’سنڌي اِصطلاح (ڀاڱو پھريون)، (1976ع)، (16) ليکراج ڪشنچند عزيز (بمبئي)، ’سنڌي اِصطلاح (ڀاڱو ٻيو)، (1987ع)، (17) سترامداس جُڙيا سنگهاڻي (احمدآباد)، ’دَرن جي دٻلي‘ (پھاڪا ۽ چوڻيون/2 ڀاڱا)، (1982ع)، (18) سترامداس جُڙيا سنگهاڻي (احمدآباد)، ’ماڻڪ موتي‘ (ڀاڱو پھريون، ورجيسون ۽ محاورا)، (1982ع)، (19) سترامداس جُڙيا سنگهاڻي (احمدآباد)، ’مانڪ موتي‘ (ڀاڱو ٻيو)، (1983ع)، (20) عبدالڪريم سنديلو، ’اِصطلاحن جي اَصليت‘ (1987ع)، (21) سنتداس پنھومل ڪشناڻي: مرتب: مرليڌر جيٽلي (جيٽلي صاحب جو هن ڪتاب تي هڪ تفصيلي اڀياس سنڌ ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران 1996ع ۾ ڇپيو آهي)، ’سنڌي پھاڪا ۽ محاورا‘ (1993ع)، (22) ڊاڪٽر شمس الدين عُرساڻي، ’سنڌي ورجيسي ٻولي‘ (1987ع)
ان کان سواءِ هندستان جي مشھور لغت نويس، وشوناٿ، دنڪر نروڻي (پوني) مان ”ڀارتيه ڪھاوت ڪوش“ نالي ’هندي - انگريزي پھاڪن جي لغت‘ ٽن ڀاڱن ۾ 1967ع، 1978ع ۽ 1983ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي آهي، جنھن ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب جون لکيل 1200 سنڌي پھاڪن جون معنائون، (انگريزيءَ ۾) شامل ڪيون ويون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو