لقمان حڪيم کوکر

لقمان حڪيم کوکر

لقمان حڪيم کوکر

لقمان حڪيم کوکر: حڪيم کوکر'>لقمان حڪيم کوکر 1929ع ڌاري لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ سوني جتوئيءَ ۾ حاجي عبدالرحمان کوکر جي گهر ۾ جنم ورتو. فارسيءَ سان گڏ سنڌي ست درجا ۽ انگريزي ٽي درجا پڙهيو. هن 1947ع کان ادبي دنيا ۾ شاعر جي حيثيت سان قدم رکيو، سنڌي، سرائڪي، فارسي، عربي ۽ اردوءَ ۾ شاعري ڪيائين، سندس مزاحيه شاعري به ملي ٿي. 1946ع ۾ ’بزم سچل‘ جو قائم ٿيڻ به سندس محنت ۽ ڪوشش جو نتيجو آهي ۽ سندس ئي ڪوششن سان ’جهونگار‘ رسالو ڇپيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’گلزار عشق‘، ’درد ۽ درمان‘ مشھور آهن. هفتيوار ’الحيدر‘ ڪراچي جو ايڊيٽر به رهيو. هفتيوار ’انصاف‘ لاڙڪاڻي ۾ شايع ٿيندڙ ادبي ’فن ۽ فڪر‘ جو انچارج رهيو. هن 29 مارچ 1992ع تي وفات ڪئي.


لفظ لقمان حڪيم کوکرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو