لنگر (ڳَھه): ڳَھه جو هڪ قسم آهي. هي نيورن جھڙا پورا، مگر نيورن کان هلڪا هوندا آهن ۽ واڄو ڪونه ڪندا آهن. هي ڪنجيدار ۽ بنا ڪنجين جي به آهن ۽ هن ڳھه جو خاص ڪري هندو قبيلن ۾ رواج آهي.