لنگهه ٺلهه

لنگهه ٺُلهه (ماڳ): هيءُ ماڳ لاڙڪاڻي کان 18 ڪلوميٽر اولهه- ڏکڻ طرف دادو روڊ تي ڳوٺ پکي جي ڀرسان ’لنگهه ڍنڍ‘ جي ڏکڻ پاسي، بنھه آڳاٽن آثارن جي مٿان هڪ دڙي تي ڪچسري ٺُلهه جي صورت ۾ موجود آهي، جيڪو اُڀو ۽ هر پاسي کان 20 فوٽ کن ويڪرو آهي. مٿي چڙهڻ لاءِ اولهه پاسي کان 70 فوٽ ڊگهي ڏاڪڻ اٿس. ٺلهه جي وچ ۾ 2.5 فوٽ قطر جو گول پَڪسِرو مرڪز (core) آهي، جنھن کي مٿي تائين ٻاهرين چورس اوساري به آهي. ٺلهه جي اوڀر کان ونگدار سرنگهه آهي، جنھن ۾ پڪيون سرون استعمال ٿيل آهن. ان ونگدار سرنگهه جي ڇيڙي تي ڏيوري يا ديو اسٿان ٺھيل آهي، جنھن ۾ هاڻي ڪوبه بت وغيره رکيل نه آهي، اهو ونگدار لنگهه 3 فوٽ کن ويڪرو ۽ اندر 12- 10 فوٽ اونهو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو