لنگهه ڍنڍ

لنگهه ڍنڍ: سنڌ جي هيءَ تاريخي ڍنڍ تعلقي قنبر جي ٻن ڳوٺن ’پکي‘ ۽ ’خيرپور جُوسي‘ جي ڀر ۾ واقع آهي، جيڪا لڳ ڀڳ پنجاهه ايڪڙن تي پکڙيل آهي. هن ڍنڍ کي پاڻي گنھور واهه مان ملي ٿو. هتي قم، لوڙهه، ڪوڻي، پن وغيره جام ٿئي ٿي. سياري جي مند ۾ پرڏيھي پکي به اچن ٿا. هي ڍنڍ انگريزن جي دؤر ۾ مقامي زميندار عالم محمد خان اسراڻ جي ذاتي ملڪيت رهي، جيڪا هن وقت سرڪاري شڪارگاهه طور مشھور آهي. هن ڍنڍ تي سياحت لاءِ ملڪي اهم شخصيتن کانسواءِ ڪيترائي غير ملڪي سربراهه ۽ ٻيون اهم شخصيتون اينديون رهيون آهن. ڍنڍ تي تفريح لاءِ ايندڙن جي سھولت ۽ رهائش خاطر ريسٽ هائوس ۽ پارڪ پڻ تعمير ٿيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو